Friday , March 29 2024

چونڊ سڌارن جو ترميمي بل: نون ليگ جي حڪومت ختم نبوت صه جو ذڪر خارج ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو

National assebly 02

اسلام آباد (سنڌسماءَچار نيوز) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حلف نامي کي اصل صورت ۾ بحال ڪرڻ جي لاءِ ترميمي بل اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران پارلياماني اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان چونڊ سڌارا بل 2017ع ۾ حلف جي معاملي تي بحث ٿي رهيو آهي، گذريل ڏينهن منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي، اڄ جڏهن ايوان ۾ آيس ته ان حوالي سان سوچيو ته سڀني کي گڏجي ويهي لائحه عمل بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اعلان ڪيو ته سمورا پارليماني اڳواڻ 11 وڳي منهنجي چيمبر ۾ اچن ته جيئن جيڪا غلطي ٿي آهي ان کي درست ڪري سگهجي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هي هڪ فني غلطي هئي. آئون سڀني پارلياماني اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان سڀني محنت ڪري معاملي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. حلف نامي کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو ويندو ۽ اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان حوالي سان ترميمي بل ايوان مان منظور ڪرايو ويندو. هن چيو ته جڏهن غلطي جو احساس ٿيو ان جي اصلاح ڪرڻ گهرجي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته حڪومت ان ترميم لاءِ فوري طور تي راضي ٿي وئي آهي. اسان ان حوالي سان فوري طور تي پهرين واري پوزيشن تي واپس هليا وينداسين، وفاقي وزير چيو ته متفقه طور تي هڪ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، سمورين سياسي پارٽين جو ٿورائتو آهيان ته هنن اتفاق ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڊڪليريشن رول، سياسي پارٽين، ختم نبوت، باني پاڪستان جي ويزن جي حوالي سان لفظ به لفظ، جيڪو ايڪٽ پاس ڪيو آهي، ان ۾ اڳوڻي ايڪٽ وارا لفظ ٻيهر شامل ڪيا ويندا ۽ ان قانون کي پهرين واري صورت ۾ بحال ڪنداسين، وفاقي وزير چيو ته ان طرح ڪلاز 7 سي ۽ 7 بي جيڪي مارشل لا جي دور ۾ رهيو هيون ان تي به اعتراض آيو آهي، ان کي به ٻيهر بحال ڪيو ويندو. جميعت علماءِ اسلام (ف) جي پارلياماني اڳواڻ ۽ وفاقي وزير اڪرم خان دراني چيو ته گذريل ڏينهن کان ملڪ ۾ بي چيني ڏٺي پئي وڃي، هي وڏو حساس مسئلو هو، مون گذريل ڏينهن ايوان ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي سامهون ڳالهه ڪئي ته هي معاملو وڏو ڏکيو آهي.

Ayaz-Sadiq1nawaz-sharif a

ان تي سمورين سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان ڳالهه ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان دير نه ڪئي وڃي، وفاقي وزير چيو ته اڄ سٺي انداز سان ان مسئلي جو حل ڪڍيو ويو، ڪلاز سيون سي ۽ بي وڏو حساس مسئلو آهي، اڪرم خان دراني چيو ته جي يو آءِ (ف) عوام ۾ ڳڻتي جي حوالي سان اڄ ميڊيا کي دعوت ڏني هئي، سمورين پارٽين ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪريون ٿا ته مسئلي جي حساسيت ۽ نزاڪت کي ڏسندي ان جو حل ڪڍيو ويو. ميڊيا جهڙي طرح اکر به اکر ان مسئلي کي سامهون آندو آهي، انهي انداز ۾ ايوان ۾ به ان کي پاس ڪيو ويندو، ان سان وڏو نقصان جو خدشو هو ان لاءِ اسان اسپيڪر جي سامهون ڳالهه رکي. هن چيو ته ان غلطي جي جاچ ڪئي ويندي، جنهن انداز ۾ ان کي آندو ويو آهي، غلطي ڪندڙ ذميوارن خلاف ايڪشن ٿيندو، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي ميمبر شيخ صلاح الدين چيو ته ان بل جي حوالي سان وڏو اشو سامهون آيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سمورين پارلياماني پارٽين کي گهرائي متفقه طور تي فارم نامزدگي جي حوالي سان فيصلو ڪيو آهي ته ان کي ٻيهر انهي شڪل ۾ بحال ڪيو ويندو، هن چيو ته ان حوالي سان ميڊيا تمام سٺو ڪردار ادا ڪيو، اڄ ميڊيا ان ڳالهه تي يقين ڪري ته ان کي ٻيهر پهرين واري شڪل ۾ بحال ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته هي وڏو حساس ۽ جذباتي مسئلو آهي، پوري ملڪ ۾ هڪ هلچل مچي وئي هئي، اپوزيشن نشاندهي ڪئي ته ان کي اسيمبلي ۾ اٿاريو وڃي، ان حوالي سان اتفاق ٿيو ته جيڪا اصل شڪل آهي ان کي انهي صورت ۾ بحال ڪنداسين ۽ غلطي کي ختم ڪيو ويندو. سڀني اتفاق ڪيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ان کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪلاز 203 تي نظرثاني ڪئي وڃي اهو به تڪراري آهي، ان حوالي سان وڪيلن هڙتال جو سڏ ڏنو آهي.

National assebly 01

عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور چيو ته سمورين پارلياماني اڳواڻن پراڻي فارم کي بحال ڪرڻ جي باري ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو آهي، چونڊ سڌارن جي بل جي موقعي تي اسان جي ترميم گوڙ سبب نه ٿي سگهي، آئون سمورين سياسي پارٽين جو ٿورائتو آهيان جن ان معاملي تي اتفاق ڪيو آهي. ان کان اڳ اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن نامزدگي ڪاغذن ۾ ختم نبوت بابت حلف نامي کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، اڄ قومي اسيمبلي ۾ ترميم آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حلف نامي کي پهرين واري شڪل ۾ واپس آڻڻ لاءِ اڄ ترميمي بل آندو ويندو، اياز صادق چيو ته جنهن غلطي جو احساس ٿي وڃي ته ان کي درست ڪرڻ ڪا غلط ڳالهه ناهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به ان بل تي بحث ڪيو ويو، تحريڪ انصاف شق 203 ۾ به ترميم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهو معاملو عدالت ۾ هليو ويو آهي، ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ وزيرن جي غير حاضري معمول بڻجي وئي، اپوزيشن ليڊر ۽ پارلياماني معاملي واري وزير جي مداخلت بعد ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو آهي ته بغير ڪنهن اطلاع جي جيڪڏهن ڪو وزير ايوان ۾ نه آيو ته ان جي پارليامينٽ ۾ داخلا تي بندش وڌي ويندي، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ايوان ۽ وزيرن واريون ڪرسيون خالي هيون ۽ ڪو جواب ڏيڻ لاءِ موجود نه هو، اڪيلو وفاقي وزير شيخ آفتاب ايوان ۾ هو جنهن تي اپوزيشن جي ميمبرن احتجاج ڪيو ته وزيرن جي فوج ڀرتي ڪئي وئي آهي ته ايوان نٿا اچن، جنهن تي وفاقي وزير شيخ آفتاب چيو ته ايوان ۾ وزير نٿا اچن ته مان ڇا ڪيان، آئنده مان ڪنهن ٻئي وزير طرفان ايوان ۾ جواب نه ڏيندس، وزير پاڻ اچن، پ پ جي ڊاڪٽر نفيسا شاهه چيو ته اڄ نفيس وزير شيخ آفتاب به ٿڪجي پيو آهي، وزير ايوان ۾ نٿا اچن، هن چيو ته اڳ ۾ هڪ ٻه وزير نه ايندا هئا، هاڻي ته سمورا نه ٿا اچن، 54 وزيرن جي ڪابينا آهي پر ڪو نه ٿو اچي، هن چيو ته (ن) ليگ جو ڪنوينشن سينٽر ۾ جنرل ڪائونسل جو اجلاس هو، سڄي ڪابينا اتي وئي ۽ هڪ نااهل شخص کي اڳواڻ چونڊي آيا، هتي ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي ڪا اثرائتي رولنگ ڏني وئي، ان موقعي تي نفيسا شاهه ڪورم جي نشاندهي ڪئي ته اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ميمبر وٺي ڪورم پورو ڪيو ۽ ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته اپوزيشن ليڊر ڪورم پورو ڪيو آهي ۽ حڪومت پوائنٽ آف آرڊر تي ايوان هلائي رهي آهي ۽ اها ايوان جي توهين آهي، هن چيو ته هڪ بل پاس ڪري اوهان کي پارليامينٽ ئي بچايو، جڏهن اوهان کي حڪومت ۽ سياست بچائڻي هوندي آهي ته پارليامينٽ جو سهارو وٺندا آهيون، اهي ٻٽا معيار اختيار نه ڪيو، اها سياست نه پر منافقت آهي، هن چيو ته مان 30 سالن کان پارليامينٽ جو ميمبر آهيان، هن پارليامينٽ عزت ڏني آهي، هن چيو ته اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو وڃي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته وزيرن کي پارليامينٽ ۾ اچڻ بغير ڪنهن اطلاع جي جيڪڏهن ڪو وزير نه آيو ته ان جي پارليامينٽ ۾ داخلا بند ڪئي ويندي، وزيرن جو نه اچڻ مينڊيٽ جي توهين آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *