Friday , March 29 2024

چونڊڪو واسي ”گادي نشين پير“ پٽ جيجل امڙ ۽ ڀيڻ کي گهرمان تڙي ڇڏيو

نارو( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيرپور جي چونڊڪو واري علائقي جي جانورنماءَ ڪٺور دل پٽ، ۽ گادي نشين پير سڳوري پنهنجي جيل امڙ کي گهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته معاملو ملڪيت جو آهي، جنهن تي گادي نشين قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. گهران ڪڍيل ماءُ جو چوڻ آهي ته،مڙس جي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي پٽ مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇيڏ آهي.

چونڊڪو واسڻ مسمات پيرسن عورت بي بي (ف) ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته، چونڊڪو جي موزل شاھ درگاھ جي گادينشين منهنجي نافرمان پٽ نبي شاھ مونکي ۽ منهنجي نياڻي کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي هن چيو ته نافرمان پٽ منهنجي مڙس جي زمين مان اٺوڪ جو حصو گهرڻ تي مونکي ۽ منهنجي نياڻي کي ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي هن اکين مان لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته هڪ سيد زادي ٻيو بيمار ۽ بک تي پنڻ تي مجبور ٿي وئي آهيان هن ايس ايس پي خيرپور شبير احمد سيٺار کان نافرمان پٽ کان تحفظ ۽ مڙس جي ملڪيت جو حصو وٺي ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *