Friday , March 29 2024

چونڊن دوران آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان پڇاڻو نه ڪيو وڃي:چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثارمني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف اليڪشن دوران ڪا به ڪارروائي يا پڇاڳاڇا/بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان روڪيندي چيو آهي ته، سپريم ڪورٽ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه وري اُهي جوابدار نامزد ٿيل آهن، چيف جسٽس چونڊن دوران ايف آءِ اي کي به منع ڪري ڇڏي آهي ته آصف ۽ فريال کي طلب نه ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي ٿي. جنهن دوران اڳوڻي صدر آصف زرداري جو وڪيل ۽ سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ پيش ٿيو. ايف آءِ اي ۽ ٻين اختيارين خانگي بئنڪ جي اڳوڻي صدر حسين لوائي کي به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هر شخص جو پنهنجو وقار ۽ عزت آهي اسان ڪنهن جي توهين ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙو حڪم نه ڏينداسين جنهن سان ڪنهن جو حق متاثر ٿي. جسٽس ثاقب نثار ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته هو آرڊر پڙهي ٻڌائي ان ۾ ڪٿي لکليل آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي ٻئي جوابدارن جي لسٽ ۾ آهن؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ٻنهي جو نالو جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ناهي. چيف جسٽس چيو ته وڪيلن کي آرڊر جي سلسلي ۾ ڪو مونجهارو هو ته عدالت کان پڇي ان بابت گائيد لائين وٺي سگهجي پئي. چيف جسٽس چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم اسان نه ڏنو آهي، پوءِ سندن نالو اي سي ايل ۾ ڇو  وڌو ويو آهي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جوابدار نه آهن، عدالت رڳو جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جاچ ٽيم جي سربراهه کي تبديل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته ڪرپشن ٿي آهي ته سامهون اچڻ گهرجي، نجف مرزا کي تبديل نه ڪنداسين، اسان ملڪي ساک کي ڪنهن به صورت ۾ داءُ تي نه لڳائينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *