Friday , March 29 2024

چوري ڪيل ڪروڙين وٽن جي ڪرپشن جو احتساب ڪير ۽ ڪڏهن ڪندو؟: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي/لاهور(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، پئسن جي ڪرپشن جي احتساب جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته ڪروڙين ووٽن جي ڪرپڻ جو احتساب ڪير ۽ ڪڏهن ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري ذوالفقار علي ڀٽو جي 91هين سالگرهه جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ سالگرهه تقريبن کي خطاب ڪندي چيو ته، 1973 جي آئين ۽ ان کي بحال ڪرڻ واري 18هين ترميم تي کلئي عام حملا ڪيا پيا وڃن، پر انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته ملڪ کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين سان ئي هلائي سگهجي ٿو، ٻيو ڪو دڳ آهي ئي ڪونه. هن چيو ته، احتساب جي نالي تي اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جي آءِ ٽي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ليڪ ڪئي وئي. بلاول چيو ته، جن حڪمرانن کي زوري آندو هاڻي انهن جي ئي اميدن تي پورو نه ٿا لهن ته پريشان ٿي ويا آهن. هنن ۾ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت ئي ناهي، حڪمران الزام هڻي نظام هلائي رهيا آهن. هن چيو ته هڪ وزيراعظم کي احتساب جي نالي تي ڪڍيو ويو، ڪروڙين ووٽ چوري ڪرڻ وارن جو حساب ڪڏهن ٿيندو؟ پ پ کي ڪرپشن ۽ ان خلاف جاري ڪاررواين تي ڳڻتي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪوڙن اڪائونٽن بابت جي آءِ ٽي کي فيصلو سمجهيو ويو. بينظير ڀٽو جي 11هين ورسي جي موقعي تي منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو، جي آءِ ٽي جي بنياد تي ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن. بلاول چيو ته پ پ سدائين وفاق جي سياست ڪئي ۽ وفاق کي گڏ رکڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ارڙهين ترميم تي سرعام حملا ڪيا پيا وڃن. بلباول جو چوڻ هو ته، اڄ آئين جي بالادستي ۽ انساني حقن تي ڳالهائيندڙن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي، جيڪو ظلم خلاف آواز اٿاري سڀ کان وڌيڪ محب وطن پاڪستاني آهي، ان جو آواز ٻڌڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته هي ملڪ صرف ۽ صرف ذوالفقار جي آئين موجب هلندو، ڪو به اڻ چونڊيل شخص ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور آئين کي ختم نٿو ڪري سگهي، پ پ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *