Friday , March 29 2024

چئن ارب رپين جو ٿر ڪول گيسيفڪيشن منصوبو ڊرامو هو؟؟

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٿر جي ڪوئلي مان زمين اندر گيسيفڪيشن منصوبي کي ماهرن رد ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ منصوبي جي منصوبي مشينري تحويل ۾ وٺي آڊيٽر جنرل کي 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، ڊاڪٽر ثمر مبارڪ منصوبي بابت غلط بياني ڪئي، ٻڏي ويل ڏوڪڙ ڪير ڏيندو؟. سپريم ڪورٽ ۾ ٿرڪول بجلي منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي مددگار سلمان اڪرم راجا ۽ شهزاد الاهي تجويزون پيش ڪيون، عدالت آڊيٽر جنرل کي ٿرڪول گيسي فڪيشن منصوبي جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته رپورٽ 15 ڏينهن ۾ طلب ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ٿرڪول رٿا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي معاون، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالتي مددگار سلمان اڪرم راجا ۽ شهزاد الاهي تجويزون پيش ڪيون.چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ان ۾ 2 طريقا آهن، هڪ ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي ٻيو طريقو بندرگاهن تي پلانٽ لڳايا ويندا آهن، ڏسڻو آهي ته ڪٿي رٿائن ۾ خرد برد ته نه ڪئي وئي آهي. نيب چيو ته پشاور جي انجنيئرن چيو ته زمين هيٺ گيسي فڪيشن سان بجلي ٺاهڻ ممڪن ناهي. چيف جسٽس چيو ته تنهن وقت تي تمام گهڻو گوڙ ڪيو ويو. عدالتي معاون چيو ته جن رٿا جي منظوري ڏني تنهن کي به ڏسڻ گهرجي ها،. رميش ڪمار چيو ته منصوبي تي ڪم ڪندڙن کي پگهار نه ملي آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته آرمي انجنيئر جنرل شاهد نياز سان ملاقات ڪئي آهي، ماهرن موجب منصوبي سان زمين هيٺ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيندي،  ماحوليات تي به اثر پوندو. چيف جسٽس چيو ته ڪٿي آهن ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جون دعوائون، معاملي کي ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون يا وري نئين سر جاچ ڪرائي وڃي.

گوڙ ڪيو ويو ته اهڙو ڪم ٿيو آهي جيڪو اڄ تائين ڪنهن سائنسدان نه ڪيو آهي، 100 ميگا واٽ جي منصوبي مان 3 ميگا واٽ بجلي نه ملي رهي آهي. عدالتي معاون چيو ته ڪميٽي چيو ته هي ناڪام منصوبو آهي، وڌيڪ رقم نه ڏيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته  پاڪستان غريب ملڪ آهي، ڇا ان جو پئسو ايئن ظاهر ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته وفاق ۽ سنڌ جي ڇا پوزيشن آهي. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته منصوبي جو سمورو پئسو وفاقي حڪومت ڏنو، زمين سنڌ جي آهي. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چيو ته منصوبي سان ڪابه ماحولياتي آلودگي نه ٿي آهي، وڪيل منصوبي بابت نه ٿا ٻڌائي سگهن. چيف جسٽس چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان اهو ئي چوندا، عدالت منصوبي جي جاچ نيب حوالي ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس ثمر مبارڪ کي چيو ته، اوهان چيو هو مفت بجلي ملندي، پر اوهان ته 4 ارب رپين جو نقصان ڪري ڇڏيو.ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چيو ته آسٽريليا جي هڪ ڪمپني به زمين هيٺ گيسيفڪيشن ڪري رهي هئي. ان تي چيف جسٽس چيو ته پهريون ان منصوبي جي آڊٽ ڪرايون ٿا، باقي معاملن کي پوءِ ڏسي وٺبو. سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل کي ٿرڪول گيسيفيڪشن منصوبي جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فارنزڪ رپورٽ 15 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري منصوبي جي مشينري سميت ٻيو سامان سرڪاري تحويل ۾ وٺي.  چيف جسٽس چيو ته اڄ اربين رپيا گڏ ڪرڻ مصيبت بڻجي ويو آهي، هڪ سائنسدان جي دعويٰ تي کيس اربين رپيه جاري ڪيا ويا، جيڪي چار ارب ضايع ٿيي ويا انهن جو ذميوار جو ڪير آهي، ڇا داڪٽر ثمر مبارڪ اها رقم واپس ڪندو. هن چيو ته غلط گائيڊ لائين تي رٿا شروع ڪئي وئي، ڊاڪٽر ثمر مبارڪ رٿا بابت غلط بياني ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *