Friday , April 19 2024

ڄامشورو ويجهو ٽرڪ جو ويگن ۽ ڪار کي ٽڪر، ملير واسي 9 ڄڻا فوت

ڄامشورو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڄامشورو ويجهو ٽرڪ جو ڪار ۽ ويگن کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ملير واسي 9 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا ڦٽجي پيا. پيٽارو ٽول پلازا ڀرسان ٽرڪ سيوهڻ کان ڪراچي ويندڙ قلندر شهباز جي پانڌيئڙن جي وين سان ٽڪرائجي وئي. ڀوائتي حادثي جي نتيجي ۾ 9ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 4 ڄڻا ڦٽجي پيا. حادثي جو اطلاع ملڻ بعد ايڌي ايمبولينسز واقعي واري هنڌ پهچي ويون جن فوتين جا لاش ۽ زخمي ڄامشورو اسپتال منتقل ڪيا. اسپتال اندر سمورن زخمين جو علاج هلندڙ آهي. حادثي جو شڪار بڻيل ملير جي ميمڻ ڳوٺ جا واسي قلندر شھباز جي مزار تي حاضري ڀري واپس اچي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار بڻجي ويا. ميمڻ ڳوٺ جي رهواسين جو چوڻ آهي ته، حادثي جو شڪار بڻيل سمورا ماڻهو پورهيت هئا جيڪي قلندر لال شهباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ ويا هئا. حادثي جو اطلاع ملڻ تي ملير جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آهي. ٻي طرف ڄامشورو اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حولاي ڪيا ويا آهن. حادثي جو شڪار بڻيل ماڻهن جي گهرن ۾ تڏا وڇايا ويا آهن، جتي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *