Friday , March 29 2024

ڀارت ۽ پاڪستان جي پاڻي تي جهيڙي جو نقصان به سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو: پاڻي ماهر

AGN Abasi kitab2

نامياري پاڻي ماهر اي اين جي عباسي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان گريٽر ٿل ڪئنال بابت منظور ڪيل ٺهراءُ جي سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت پاران سٺي نموني پوئواري نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايڪنيڪ سميت وفاقي حڪومت ۽ ان جي ٻين ادارن  سنڌ کي نقصان پهچايو، جنهن ۾ اسان جي ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جي ڪوتاهيون وڌيڪ آهن. آرٽس ڪائونسل ۾ پنهنجي ڪتاب جي مهورتي تقريب دوران ڳالهائيندي اي اين جي عباسي چيو ته، سنڌ اسيمبلي پاران جيڪو گريٽر ٿل ڪئنال خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو، اهو بلڪل ائين آهي جيئن ڳالهه آئي وئي ٿي وڃي، ڇو ته ان ٺهراءُ جي پوئواري ڪرڻ لاءِ جن ماڻهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل سميت وفاق ۽ ان جي لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو، انهن کي چيائون ته اسان اوهان جي خلاف هن قسم جو ٺهراءُ منظور ڪرايو آه، اوهان ٻڌايو ته ان لاءِ اوهان سان ڪهڙي طريقي سان لک پڙهه ڪيون،. اي اين جي  عباسي چيو ته ان وقت جي حڪومت ، سنڌ اسيمبلي جي ڪامورن ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي غلط طريقي سان معاملي کي پيش ڪرڻ ۽ غلط طريقي سان پوئوراي ڪرڻ جي نتيجي ۾ سڄو معاملو ئي لڙهي ويو.

AGN Abasi kitab4

جمعي واري ڏينهن ناليوارن پاڻي ماهرن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ذميوار وفاق کي قرار ڏيندي چيو آهي ته مستقبل ۾ پاڻي تي جنگ ڇڙي سگهي ٿي، ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ پاڻي تي جهيڙو ٿيو ته ان جو نقصان سنڌ کي ئي ڀوڳڻو پوندو.
آرٽس ڪائونسل ۾ ناليواري پاڻي ماهر اي اين جي عباسي جي ڪتاب پاڻي جي وسيلن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي رپورٽ جي مهورت واري تقريب ٿي، جنهن کي ادريس راڄپوت، پروفيسراعجاز قريشي، نصير ميمڻ، فضل الله قريشي ۽ ٻين پاڻي ماهرن خطاب ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي پاڻي ماهر اي اين جي عباسي چيو ته 25 آگسٽ 2003ع تي اڳوڻي آمر پرويز مشرف گورنر هائوس ۾ گهرائي چيو ته ڪالاباغ ڊيم سميت پاڻي جي ٻين 9 کان وڌيڪ رٿائن جي مخالفت نه ڪئي وڃي ڇو ته اهي ملڪ لاءِ ضروري آهن.
هن چيو ته مشرف آڏو مون سنڌ جو مضبوط موقف رکيو جنهن کان پوءِ مون کي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻي بابت سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو جيڪا رپورٽ 25 آگسٽ 2005ع تي مون ان وقت جي وزيراعظم شوڪت عزيز وٽ پيش ڪئي، ان رپورٽ کي ساڍا 11 سال گذري ويا آهن پر اڃا تائين اها رپورٽ نه رد ڪئي وئي آهي نه قبول ڪئي وئي آهي.
اي اين جي عباسي چيو سرد خاني حوالي ٿيل اها پهرين رپورٽ هئي جنهن تي ڪا به تنقيد يا اعتراض سامهون نه آيو پر اڃا تائين ان تي عمل به نٿو ڪيو وڃي.

AGN Abasi kitab1
هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ان تي آواز اٿارڻ گهرجي جيڪڏهن ان رپورٽ تي عمل نٿو ڪيو وڃي ته ائين سمجهو اها رپورٽ سنڌ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر هوندي.
اي اين جي عباسي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ ڇو نٿي وڃي ڇو ته وقت بوقت وڏو وزير ۽ ٻيا صاحب اقتدار منهنجي ان رپورٽ جو ذڪر ته ڪندا رهن ٿا پر سي سي آءِ ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهن.
اي اين جي عباسي چيو سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ پاڻي سيشن تي سنڌ سان زيادتين جون ڳالهيون ته ڪيون ويون ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جا حوالا ڏنا ويا پر ان تي جوڳو آواز نه اٿاريو ويو.
مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي پاڻي ماهر ادريس راجپوت چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ سنڌ ڪاز لاءِ اي اين جي عباسي جهڙو وڙهندڙ ماڻهو نه ڏٺو آهي.
هن چيو ته 2006ع ۾ مشرف اعلان ڪيو ته اسان ڀاشا ڊيم ٺاهينداسين اهو اڄ تائين نه ٺهيو، پاڻي معاملي تي جهيڙي ڪرڻ سبب اي اين جي عباسي جي نوڪري هلي وئي پر هن پرواهه نه ڪئي.
ادريس راجپوت چيو ته ربيع ۾ اسان وٽ پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي، اسان کي ريپليسمينٽ ڊيم کپي ٻي صورت ۾ ڏينهون ڏينهن اسان جي پوزيشن خراب ٿيندي ويندي.

AGN Abasi kitab3
هن چيو ته پنجاب وٽ 3 ڊيم آهن ۽ زير زمين پاڻي به مٺو آهي، اسان وٽ رڳو سنڌو درياهه آهي جڏهن اسان وٽ پاڻي جي کوٽ هجي ٿي ته پنجاب منگلا ڊيم ۾ پاڻي ڀري ٿو پر سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ ڪيس کڻي وڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
ادريس راجپوٽ چيو ته آفيسرن جي پوسٽنگ ٺيڪيدار ٿا ڪرائين ته ان صورتحال ۾ آبپاشي نظام جي صورتحال ڪهڙي هوندي، حڪومت رڳو مال ڪمائڻ ۾ پوري آهي.
ادريس راجپوت چيو ته 1947ع ۾ اسان ڀارت مان لڏپلاڻ ڪري هتي آياسين، قمبر ۾ رهياسين سنڌ وارن اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني آهي، منهنجو به فرض آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي آواز اٿاريندو رهان، ائين چوندي ادريس راجپوت روئي ڏنو ۽ هال ۾ سڪتو طاري ٿي ويو.
تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي اڳوڻي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فضل الله قريشي چيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ به اي اين جي عباسي پاڻي ڪيس وڙهيو، مشرف به اي اين عباسي جي راءِ کي رد نه ڪري سگهيو.

نصير ميمڻ چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو پراڻو ضرور ٿيو آهي پر اڃا ختم نه ٿيو آهي.
هن چيو ته ڀارت سان جيڪڏهن پاڻي معاملا خراب ٿيا ته وري به ڪالاباغ ڊيم جو راڳ شروع ٿيندو، ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ پاڻي تي ٿيندڙ جهيڙي ۾ نقصان وري به سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو.
مقررن اي اين جي عباسي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مشرف دور ۾ هن سنڌ جو پاڻي ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو ۽ سندس رپورٽ سبب ڪالاباغ ڊيم رٿا مئل گهوڙو بڻجي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *