Thursday , April 25 2024

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن سان سندس امڙ ۽ زال جي ملاقات ڪرائي وئي، سيڪيورٽي سخت

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان پنهنجو واعدو پاڙي ڇڏيو،  ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان اسلام آباد ۾ سندس زال ۽ ماءُ جي ملاقات ڪرائي وئي، 40 منٽن تائين جاري رهندڙ ملاقات دوران ڪلڀوشن پنهنجي ڪٽنب سان انٽرڪام ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪلڀوشن ياديو جي امڙ آونتي سوڌي ياديو ۽ گهر واري چينتڪاوي ياديو دبئي کان خانگي اڏام اي ڪي 612 ذريعي بينظير انٽر نيشنل ايئرپورٽ اسلام آباد پهتيون.  ايئرپورٽ تان سخت سيڪيورٽي ۾ ڪلڀوشن جي گهر وارن کي ڀارتي هاءِ ڪميشن پهچايو ويو. جتي ڪجهه دير کين اتي ترسايو ويو. ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن کي ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ ترسائڻ بعد سخت سيڪيورٽي ۾ پرڏيهي آفيس ۾ آندو ويو، جتي سندن انٽرڪام ذريعي ڪلڀوشن يادو سان ملاقات ڪرائي وئي.

ملاقات 2 وڳي 18 منٽن تي شروع ٿي جيڪا 30 منٽ جاري رهڻي هئي، جيڪا 40 منٽن تائين جاري رهي. ڪلڀوشن سان سندس زال، ماءُ ۽ ڀارتي سفارتڪار جي ملاقات لاءِ پرڏيهي کاتي ۾ سندن اڌ ڪلاڪ تائين چيڪنگ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فاريحه ۽ ڀارتي سفارتڪار جي پي سنگهه به موجود رهيا. ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن سان ملاقات لاءِ خاص ڪمرو تيار ڪيو ويو جنهن ۾ شيشو لڳايو ويو.  شيشي جي هڪ پاسي ڪلڀوشن ياديو ويٺل رهيو. سندس امڙ ۽ گهر واري موجود رهيون. ملاقات کانپوءِ ڪلڀوشن جي گهرواري ۽ امڙ کي ڀارتي هاءِ ڪميشن روانو ڪيو ويو.  پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر تائين پهچ ڏيڻ جي ترديد ڪندي چيو ته ملاقات ۾ ڀارتي سفارتخاني جي آفيس جي موجودگي قونصلر تائين پهچ ناهي. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي ملاقات انساني همدردي جي بنياد تي ڪرائي وئي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. هاڻ ڀارت کي به والاريل ڪشمير بابت ڪيل واعدا ڀاڙڻ گهرجن. واضح رهي ته ڪراچي ۽ خاص طور بلوچستان ۾ تخريبي ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪندڙ ڀارتي ڳجهي اداري “را” جي ايجنٽ ڪلڀوشن يادوَ کي 3 مارچ 2016 تي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو، کيس هلندڙ سال 10 اپريل تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، پر ڀارت پاران عالمي عدالت ۾ معاملو کڻي وڃڻ سبب سندس سزا تي عمل روڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *