Tuesday , March 19 2024

ٿر جي ڏڪاريل ڏيهه جي سار ڪير لهندو- ڀاواني راجا

ٿرپارڪر ۾ برساتون نه پوڻ ۽ ڏڪار سبب ماروئڙا بک، بدحالي، غربت  ۽ بيروزگاري ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب روزاني جي بنياد تي لڏپلاڻ ۽ آپگهات ڪري رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي ڪو جُون نه چري رهي آهي، وفاقي حڪومت به ٿر واسين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي، ٿرپارڪر جي اين اي 221 تي چونڊ وڙهندڙ ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پاران هڪ ڏينهن افغانستان جي دوري دوران افغان هم منسوب سان ملاقاتن دوران پاڪ افغان تعلقات ۾ بهتري لاءِ افغان حڪومت کي 40 هزار ٽن ڪڻڪ تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ افغان صدر کي خط لکي ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت پاران صوبائي حڪومتن جي مدد ڪرڻ بجاءِ مختلف ملڪن کي سهائتا جون آڇون ڪري رهي آهي، پر ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ غذائي کوٽ سبب روزاني جي بنياد تي ڪيترائي ٻار مري رهيا آهن ۽ ڪيترين ئي مائرن جون آنسو اگهائڻ بدران صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذراهه فضل پيچوهو صاحبه اهو چئي ڇڏيو ته ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻار نه مري رهيا آهن پر ننڍي عمر جي شادين ۽ مائرون ٻارن جو صحيح خيال نٿيون ڪن جنهنڪري ٻار مري رهيا آهن، اها ڪهڙي امڙ آهي جيڪا پنهنجي ٻارن سان پيار نه ڪندي هوندي، صوبائي وزير صحت جيڪڏهن اهو چوي ٿي ته ننڍي عمر جي شادين سبب اهو معاملو آهي ته سنڌ حڪومت به ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام لاءِ ڪهڙو ڪردار اد ڪيو آهي؟ وزيراعظم پاڪستان عمران خان به انڊيا جي ڪيرالا واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، پر مودي سرڪار پاڪستان جي مدد وٺڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. غربت جي گهٽتائي لاءِ ڪو مدد يا پيڪج جو اعلان نٿي ڪري سگهي، ڇا اها عمران خان جي تبديلي آهي؟

سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ڪارو سون 190 بلين ٽن هجڻ جي باوجود ٿرواسي بنيادي سهولتن صحت، تعليم، بجلي ۽ گئس جهڙي سهولتن کان وانجهيل آهن، ٿر واسي نوجوان اڄ جي جديد دور ۾ به بيروزگاري سبب مختلف شهرن ۾ ڀٽڪندي نظر اچي رهيا آهن، ٿر واسي غربت ۽ بيروزگاري سبب آپگهات ڪري رهيا آهن، ٿر ۾ ڏڪار سبب ٿرواسين جو چوپايو مال چارو نه هجڻ سبب مري رهيو آهي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب سوين ڳوٺن جا ڳوٺ بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن پر سنڌ ۽ وفاقي حڪومت پاران به ڪو به سهائتا نه پئي ڪئي وڃي.

سنڌ حڪومت جي گذريل 10 سالن جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي. پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولتن لاءِ لڳايل 450 آرو پلانٽ به ناڪاره بڻيل آهن، سنڌ جي مختلف علائقن ٿر، اڇڙو ٿر، ڪاڇو سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار به سرپا احتجاج بڻيل آهن، پر سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ثاقب نثار صاحب ڀاشا ڊيم جي لاءِ فنڊ گڏ ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس کي جيڪڏهن ڪو ڊيم ٺاهڻ ۽ پاڻي گڏ ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته ٿر ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي يا ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍ کي فنڪشنل ڪرئي اتي پاڻي گڏ ڪيو وڃي.

عمران خان جي تبديلي جي نالي تي سنڌي فاقا ڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهن، ۽ سراپا احتجاج ڪري رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *