Thursday , March 28 2024

ٿرپاڪر واسي پهريون پائليٽ ماهي پال لڌر..!

ڪراچي( سنڌسماءَچار انٽرويو- اصغر آزاد) ٿرپارڪر ضلعي جهڙي سنڌ جي پٺ تي پيل شهر ڇاڇري جي ننڍڙي ڳوٺ ڀوريلو واسي نوجوان ماهي پال لڌر ، نيٺ پائليٽ بڻجي ويو آهي. ننڍي هوندي رات جي وڳڙي ۾ ٿر جي پٽن مٿان نيري آسمان تي چمڪندڙ تارن جي جهرمٽ مان گذرندڙ جهاز کي حيرت مان ڏسندڙ ٿيو ٻارڙو جڏهن پاڻ جهاز هلائيندو هجي ته، سندس مقصد حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ جو اندازو هُو پاڻ به بيان نه ٿو ڪري سگهي. عام چوڻي ۾ سنگل پاسري ۽ شهري زبان ۾ سمارٽ ۽ ملنگ طبعيت رکندڙ ۽ ذهني طور مڪمل صوفياڻو سڀاءُ وارو ماهي پال لڌر هاڻي جهاز اڏائيندڙ يعني پائلٽ بڻجي قومي ايئر لائنز جو حصو بڻجي ويو آهي.

لفظن جي اُچار يا وري ڪجهه ٿي وڃڻ بعد مهيشوري ٿيڻ بدران “لڌر” کي ئي اهميت ڏيڻ ۽ فخر محسوس ڪندڙ ماهي پال لڌر پنهنجي ڪاميابي بابت ٻڌائي ٿو ته، “ جڏهن ننڍي هوندي سال جي لڳ ڀڳ 8 مهينن دوران ٿر  مٿان نيري آسمان تي جهاز اڏامندو هو ته سوچيندو هيس، اهو اڏائي ڪيئن ٿو ۽ ان کي اڏاريندڙ ته وڏو عظيم انسان ئي ٿي سگهي ٿو”.

پائليٽ ٿيڻ ڪو ايڏو سهنجو ناهي ته وري ايڏو ڏکيو به ناهي، ان لاءِ اهم ڳالهه لڳ ڀڳ 40 لک رپيا هجڻ ضروري آهي، ان سان گڏ تعليمي قابليت حاضر دماغي ۽ يڪسوئي سان ڪم ڪرڻ جي عادت هجڻ به ضروري هجي ٿو.

            ماهي پال لڌراصغر آزاد ۽ ميران گچڪي بلوچ

“پرائمري ۽ مڊل جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڀاءُ جي ڪراچي ۾ هجڻ ڪري آرمي پبلڪ اسڪول فيصل بيس ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪئي، انٽر ڪوميڪس ڪاليج گلستان جوهر ڪراچي مان چڱن نمبرز ۾ پاس ڪئي”. ماهي پال ٻڌائيندو رهيو. “ انٽر ڪرڻ کانپوءِ، اين اي ڊي يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر انفارميشن سسٽم CIS ۾ بيچلرز جي ڊگري ورتي. بيچلرز جي ڊگري کانپوءِ ڪجهه ڪ5رڻ لاءِ سوچي رهيو هيس، ماهي پال لڌر مختصل احوال ٻڌايو.

ماهي پال سنڌسماءَچار سان خصوصي ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته، 2012، ۾ وڏي ڀاءُ جي دوست جي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري جو پائلٽ دوست هو جنهن کان معلومات وٺي، ڪراچي ۾ ئي جهاز اڏارڻ جي تربيت / ٽريننگ ڪرائيندڙ خانگي اداري سان لهه وچڙ ڪئي. ماهي پال ڪجهه پل خاموش ٿي وري ڳالهايو “ جڏهن خبر پئي ته پائليٽ ٿيڻ لاءِ  خرچ ڪيترو ٿو اچي، خرچ جو ٻڌڻ کانپوءِ سمجهي ويس ته، هي ڪم پاڻ کان چڙهيل آهي”، ماهي پال مسڪرائيندي ٻڌايو.

ماهي پال لڌر جهاز اڏائيندي

پوءِ آخر اهڙو ڪهڙو ڪرشمو ٿيو جو اوهان جو مسئلو حل ٿي، سنڌسماءَچار جي ان سوال جي جواب ۾ ماهي پال ٻڌايو ته، “ وڏي ڀاءُ جڏهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پڇيو ته، ماهي پڇا ڪئي ته ٽريننگ جو ڇا طريقي طار آهي. ڀاءُ کي ٻڌايم ته خرچ تمام گهڻو آهي، جيڪو پنهنجي وس ۾ ناهي، اهاڳالهه ٻڌي ادا چيو ته جيڪو به خرچ لڳي جيڪڏهن توکي پائلٽ ٿيڻو آهي ته تياري ڪر”. ماهي پال چيو ته جڏهن ادا ائين چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ پنهنجي منزل کي ويجهو ٿيندي محسوس ٿي ۽ پراميد ٿي، تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا ابتدائي مرحلا مڪمل ڪرڻ لڳس”.

            ماهي پال لڌراصغر آزاد ۽ ميران گچڪي بلوچ

ماهي پال ٻڌايو ته، پائلٽ جي تربيت لاءِ گهربل 190 ڪلاڪن واري ٽريننگ جنوري 2013 ۾ شروع ڪئي. پائلٽ جو ڪورس جيڪو ٻن سالن جي اندر مڪمل ڪرڻو هوندو آهي، ان لاءِ موسم جي خرابين ۽ ڪجهه ٻين ٽيڪنيڪل معاملن سبب اهو مدو وڌي ۽ گهٽجي سگهجي ٿو. ٻن سالن دوران پريڪٽيڪل ٽريننگ، ٿيوري جا 14 پيپرز وغير مڪمل ڪرڻا پون ٿا. ٻن سالن کانپوءِ 2015 ۾ تربيت مڪمل ڪئي ۽ 2016 ۾ انسٽريڪٽر پائلٽ طور نوڪري ڪري پاڻ پائلٽ جو ڪورس ڪرائي سيکارڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ نومبر 2016 ۾ پي آءِ اي ۾ پائلٽس جون جايون آيون، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 312 اميدوارن اين ٽي ايس حصو ورتو، جنهن مان 75 اميدوار ڪامياب ٿيا جن مان 9 سنڌ ٻهراڙي جو ڊوميسائل رکندڙ اميدوار ڪامياب ٿيا. سمورن آخري امتحان لاءِ 75 مان وري صرف  25 ڄڻا ڪامياب ٿيا.

ٿر جي ڇاڇري شهر جي ڀرسان ڳوٺ ڀوريلو واسي هي نوجوان ٿرپارڪر ضلعي جو پهريون پاڪستان جي قومي ايئر لائين پي آءِ اي PIA جو پائلٽ آهي.

ماهي پال لڌر هاڻي پنهنجي مستقبل مان پراميد ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهي. ماهي پال جو نوجوانن لاءِ هڪڙو ئي پيغام آهي ته، پنهنجي منزل جو تعين ڪري ڀرپور محنت ڪيو باقي معاملا قدرت جي هٿ ۾ آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *