Saturday , April 20 2024

پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شيرازي ڀائرن کان ٻيلي کاتي جي کسيل 40 هزار ايڪڙ زمين واپس ڪرڻ جي پڪ ڪرائي وئي: بلاول هائوس جا ذريعا

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) ن ليگ جي اڳواڻن ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي طاقتور سياسي ڌر شيرازي ڀائرن ۽ اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ (پ) جي سربراهه آصف علي زرداري سان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ ڳالهيون  ڪامياب ٿي ويون آهن. بلاول هائوس جي ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو شيرازي ڀائرن ۽ آصف زرداري وچ ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڳالهيون هلندڙ هيون، جيڪي حتمي نتيجي تي پهچي ويون آهن ۽ شيرازي ڀائر سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪري ن ليگ کي الوداع ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندا ۽ ايندڙ عام چونڊون تير جي نشان تي ئي وڙهندا.

ان سلسلي ۾ بلاول هائوس جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آچر ڏينهن افطاري کانپوءِ بلاول هائوس ۾ شيرازي ڀائرن جي شفقت شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پارليامينٽيرينز) جي سربراهه ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر کانسواءِ پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني پڻ موجود هئا. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ڪجهه مهينن کان هلندڙ ڳالهين دوران شيرازي ڀائرن آصف زرداري آڏو اليڪشڻ ۾ ٽيڪٽس ڏيڻ سان گڏ ٻه اهم مسئلا به رکيا هئا، جن کي هوُ پ پ جي حڪومت دوران ڏئي رهيا هئا. انهن ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن اندر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان  سندن قبضي هيٺ آيل ٻيلي کاتي جي زمين ۽ ڪجهه اوقاف کاتي جون ملڪيتون هنن کان مختلف طريقن سان کسيون ويون هيون.

سنڌسماءَچار کي مليل معلومات مطابق، ٺٽي سجاول ضلعن ۾ شيرازي ڀائرن جي قبضي مان کسيل لڳل ڀڳ 40 هزار ايڪڙ زمين جيڪا کسي وئي هئي اها کين واپس ڪئي ويندي. بلاول هائوس جي ذريعن ٻڌايو ته، شيرازي ڀائرن جي گذريل ڪجهه مهينن کان آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سان هلندڙ ڳالهين دوران گذريل مئي مهيني جي پهرين هفتي تائين لڳ ڀڳ 18 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي کسيل زمين شيرازين کي واپس ٿي چڪي آهي، جيڪا ٻنهي ڌرين جي هڪ ٻئي تي اعتماد جي بحالي ۽ معاملن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪئي وئي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي اندر شيرازي ڀائرن جي پارٽي ۾ شموليت تي اعتراض واريا ويا، جن کي آصف زرداري نظر انداز ڪري شيرازي ڀائرن سان معاملا سڌا ڪندو رهيو.

شيرازي ڀائر اڄ يعني 4 جون سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس ذريعي پيپلز پارٽي ۾م شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندا. شيرازي ڀائرن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، پريس ڪانفرنس ٺٽي ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ اها صرف اعلان تائين ئي ٻڌل هوندي.

ان سلسلي ۾ شيرازي ڀائرن جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق پ پ قيادت سان شيرازين جي هلندڙ ڳالهين دوران هنن جي مٿان داخل ڪيل 1150 کان وڌيڪ ڪيس جن مان اڪثر ۾ اسٽيٽ (پوليس توڙي مختلف صوبائي کاتا ۽ پ پ جي مقامي قيادت) شامل هئي؛ انهن مان ڪجهه ڪيسز کي ڇڏي اڪثر ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن. ان لاءِ سنڌ جي قانون واري کاتي سميت لاڳاپيل اختيارين قانوني دڳ ڪڍي ڏنا آهن، جن تي نگران حڪومت دوران عمل ڪري شيرازين کي ڪيسن مان به آجو ڪرايو ويندو.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي شيرازي ڀائرن کي سياسي طور تي ايڊجيسٽ ڪرڻ لاءِ  سجاول ۽ ٺٽو ضلعن مان هڪ قومي اسيمبلي ۽ 3 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي ٽڪيٽس ڏنيون وينديون. ان لاءِ پ پ جي صوبائي قيادت توڙي ٻنهي ضلعن جي مقامي قيادت کي ڪنهن  به قسم جي کٽراڳ کان سختي سان روڪيو ويو آهي، ٻي صورت ۾ کين ” اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙين “ هيٺ ڪاررواين لاءِ به تيار رهڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *