Friday , March 29 2024

پ پ چيئرمين پاران مثبت فيصلو،12 مئي واري جلسو حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) گلشن اقبال جي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ 12 هين مئي تي هڪ ئي ڏينهن جلسو ڪرڻ تان پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ختم ڪري ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽويٽ پيغام ۾ عمران خان کي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته، ڪراچي اسان جي آهي ڪٿي به جلسو ڪري سگهون ٿا.

پيپلز پارٽي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ 12 مئي تي جلسو نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جلسو نه ڪندي، پي ٽي آءِ ڀلي جلسو ڪري. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽويٽ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي اسان جو شهر آهي اسان ڪٿي به جلسو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ 12 مئي تي رٿيل جلسو نه ڪندي پي ٽي آءِ ڀلي جلسو ڪري. پ پ چيئرمين چيو ته هڪ ئي جاءِ تي جلسي ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جو رويو تمام خراب هيو، ڪنهن کي به جلسو ڪرڻ لاءِ اهڙو رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 12 مئي تي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ رٿيل جلسي بابت گذريل ڏينهن پ پ  ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ٿيل ڇڪتاڻ جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *