Friday , April 19 2024

پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو اليڪشن ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويو

لاڙڪاڻو ( رپوٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر ۽ اڳوڻو سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو 2018 جي عام چونڊن مان آئوٽ ٿي ويو آهي. پي ايس 11 تي پ پ پ سندس ڌيءُ ندا کهڙو کي نامزد ڪندي کيس ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پ پ پ پاران لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 لاڙڪاڻو سٽي واري تڪ تي نثار کهڙُ جي نياڻي ندا کهڙو کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ندا کهڙو جمعي واري ڏينهن لاڙڪاڻي جي رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي پاران جاري ڪيل ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو 20018 جي اليڪشن جي ڊوڙ مان آئوٽ ٿي چڪو آهي. اليڪشن ٽربيونل نثار کهڙو جو نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو هو. سندس مخالف معظم عباسي اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته، هن پنهنجي ٽئين شادي، هڪ نياڻي ۽ 166 ايڪڙ زرعي زمين نامزدگي فارمن ۾ ظاهر نه ڪئي آهي. اهڙي اعتراض تي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي اليڪشن ٽربيونل نثار کهڙي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *