Wednesday , April 24 2024

پ پ پارٽي آھي، چانھ ڪمپني ناهي: آصف زرداري

court military 1

پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جا مخالف بلڪل به نه آهيون، پر ان تي ڪجهه قانوني خدشا آهن، جنهن لاءِ حڪومت کي تجويزون ڏينون آحن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي ذرداري چيو ته اسان حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي بدران هڪ سال لاءِ واڌ ڪئي وڃي.

آصف زرداري چيو ته رينجرز کي سنڌ کانپوءِ  پنجاب ۾ به اختيار ڏنا ويا آحن، پر ٻين صوبن لاءِ رينجرز جي مقرري واري نوٽيفڪيشن ۽ سنڌ ۾ مقرري واري نوٽيفڪيشن ۾ وڏو فرق آهي.

بلاول هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پاران فوجي عدالتن جي معاملي تي پيش ڪيل تجويزن بابت جيڪڏهن ڪنهن به سياسي پارٽي يا حڪومت کي ڪو اعتراض آهي ته، اسان پنهنجون 9 تجويزون بحث لاءِ پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ لاءِ به تيار آهيون.
هن چيو ته ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان دهشتگردن سان نه پر فوج سان گڏ آهيون، غير رياستي عنصرن خلاف گڏجي وڙهنداسين.

ZZZ

آصف زرداري چيو ته اسان 1984 جي شاهدي واري قانون تي مڪمل عملدرآمد چاهيون ٿا.

آصف زرداري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان حڪومت جو رويو غير سنجيده آهي، 40 سالن دوران اهڙي حڪومت ناهي ڏٺي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير نه هجي.

آصف زرداري چيو ته شايد ميان صاحب کي ڊپ آهي ته پرڏيهي وزير کائنس وڌيڪ پاپولر نه ٿي وڃي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ ٺهيل روڊ ڊاهي وري ٻيهر ٺاهڻ لاءِ پئسا ته آهن، پر نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ لاءِ بجيٽ نه آهي.

هن چيو ته گذريل ڀيري چيو ويو هو ته سياستدانن خلاف ڪارروايون نه ٿينديون پر ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا.

پ پ جي شريڪ چيئرمين جو چوڻ هو ته پ پ سياسي پارٽي آهي، ڪا چانهه کپائڻ جي ڪمپني ناهي، جو ان جي برانڊ جو مسئلو هجي.

پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پ پ پ هڪ پارٽي آهي، چانهه جي ڪمپني ناهي جو ان جي برانڊ وڪڻي رهيا آهيون..

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *