Thursday , March 28 2024

پ پ پاران ايندڙ چونڊن جي تياري، رٽائرڊ توڙي حاضر سروس بيوروڪريٽس ۽ صحافين جون ”خدمتون وٺڻ“ جو فيصلو

writers 02

پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاران ايندڙ عام چونڊن جي انتظامي تيارين لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ مرضيءَ جا ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز مقرر ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي جي هڪ بنگلي اندر پيپلز پارٽي جي حامي پوليس آفيسرز سول آفيسر شاهي، قانوني ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي ڪجھ نمائندن پاران مختلف موضوئن تي تجويزون جوڙي پ پ جي هڪ بااثر شخصيت حوالي ڪيون وڃن ٿيون. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب پيپلز پارٽي کي صلاح مشورن ڏيڻ ۽ ان لاءِ عوامي راءِ جوڙڻ لاءِ ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ بنگلي اندر مختلف موضوئن تي تجويزون گڏ ڪيون وڃن. اهڙيون تجويزون، 5 کان وڌيڪ رٽائرڊ بيوروڪريٽس، 21 هين گريڊ جي ٽن آفيسرز ( جن مان هڪ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آفيسر آهي ۽ 2 سائيڊ لائين پوسٽن تي ويٺل آهن) آفيسر شاهي جي سياسي استعمال لاءِ تجويزون ورتيون وڃن ٿيون.

سنڌ سماءَچار جي ذريعن موجب عام ماڻهن ۾ راءِ عاما جوڙڻ لاءِ وري سٺي ساک رکندڙ رٽائرڊ بيوروڪريٽس، سماجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ سوشل ايڪٽيوٽس، پردي پٺيان ويهي مضمون لکڻ لاءِ ڪجھ ڪالم نگارن ( جن جا لکيل مضمون ٻين جي نالن سان ڇپرايا ويندا) رٽائرڊ ۽ حاضر سروس پوليس آفيسرز ۽ صحافين تي مشتمل ٽيم جوڙي وئي آهي. ذريعن موجب اها ٽيم پنهنجي پنهنجي شعبي بابت مختلف تجويزون، ماڻهن جي راءِ جوڙڻ، پ پ مخالف جڙيل ماحول کي ڦيرائڻ يا ان شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ، علائقن جي حساب سان پ پ مخالف ماڻهن ( سمورن شعبن) خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي سندن ذهن کي ٻئي طرف ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف رکڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. پ پ سکر ڊويزن سان لاڳاپيل هڪ اڳوڻي اڳواڻ سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، اهڙو نيٽ ورڪ رڳو ڪراچي ۾ نه پر ڊويزن سطح تي جوڙڻ جي رٿا آهي، جيڪا ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندي ۽ بعد ۾ ان کي ضلعي سطح تي به جوڙڻ جي تجويز آهي. هن ٻڌايو ته ان رٿا تحت ڪجھ انتهائي بي زرر ماڻهو به متاثر ٿي سگهن ٿا.

ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ جي سنڌ ۽ پ پ حڪومت وچ ۾ هلندڙ هلڪي ڦلڪي ناپسنديدگي بند گهٽي ۾ تڏهن پهتي جڏهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا هڪ نجي ٽي وي چئنل تي سياست خاص طور تي اليڪشن دوران پوليس جي سياسي استعمال بابت کليل نموني ڳالهايو هو. ان ڏينهن کان ”صاحب وڏي“ ۽ ”ادي“ اهو طئه ڪري ڇڏيو هو ته اي ڊي خواجا نه کپي ته مطلب نه کپي. ان سلسلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. پ پ جي ان اڳواڻ اهو به ٻڌايو ته، جڏهن به وڏي وزير آءِ جي واري معاملي کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ميڊيا جي مخصوص ماڻهن وڏي وزير جي تبديلي جون خبرون هلائڻ شروع ڪيون، يا وري پ پ جي مختلف اڳواڻن کان ان سلسلي ۾ سوال پڇڻ لڳا، اهڙي صورتحال کانپوءِ مراد علي شاھ به هٿ ڪڍي ويو آهي.

انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ هاڻي سينٽرل پوليس آفيس تائين محدود / محصور بڻجي ويندو…!!!

AD khuwaja

ڪراچي: سنڌ ڪابينا آءِ جي اي ڊي خواجا سميت ٻين آفيسرن کي وقت کان اڳ عهدن تان هٽائڻ لاءِ هڪ آفيسر جي هڪ پوسٽ تي 3 سالن تائين لازمي مقرري ٿيڻ واري سنڌ رولز آف بزنس جو رُول ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪنهن به آفيسر کي 3 سالن کان اڳ ۾ به هٽائي سگهندي ۽ اُن قدم کي قانوني حيثيت حاصل هوندي.ٽينيوئر پوسٽ بابت رُول سنڌ رولز آف بزنس مان ختم ڪري اُهو رُول مختلف شرطن سان گڏ سنڌ سول سروسز ايڪٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح سنڌ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي جاءِ تي نيب جي طرز تي سنڌ اينٽي ڪرپشن ايجنسي قائم ڪرڻ وارو قانوني بل پڻ تيار ڪرڻ لاءِ قانون واري وزير جي سربراهيءَ ۾ هڪ الڳ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي اي ڊي خواجا جي معاملي تي تمام گهڻو غور ويچار ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته سنڌ سول سروسز رولز ۾ آفيسرن جي ٽينيوئر پوسٽ جو ڪوبه ذڪر نه ٿيل آهي، جنهن تحت ڪنهن به آفيسر کي سنڌ حڪومت پنهنجي مرضيءَ تحت مقرر ۽ بدلي ڪري سگهي ٿي پر سنڌ رولز آف بزنس ۾ اهو لکيل آهي ته ٽينيوئر پوسٽ تحت هڪ آفيسر گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن تائين ساڳي پوسٽ تي مقرر رهڻ لازمي هوندو پر ايڪٽ جي موجود هجڻ جي صورت ۾ رولز جي اهميت نه هجي ٿي.

وڏي وزير سميت سنڌ ڪابينا جي ميمبرن آءِ جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ باوجود اُهو معاملو عدالت ۾ اٽڪيل هجڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جو اهو اختيار آهي ته اُها آءِ جي سميت ڪنهن به آفيسر کي هٽائي ۽ مقرر ڪري سگهي ٿي ۽ ٻين صوبن ۾ به اُن حوالي سان صوبائي حڪومتون خودمختيار آهن پر سنڌ ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن. اجلاس ۾ تفصيلي غور ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ٽينيوئر پوسٽ بابت رولز آف بزنس ۾ شامل رُول کي ختم ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٽينيوئر پوسٽ جو رُول سنڌ سول سروسز ايڪٽ ۾ مشروط طور شامل ڪيو ويندو ۽ اُن ترميم جي حوالي سان قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. واضح رهي ته اي ڊي خواجا واري معاملي ۾ عدالت ۾ اهو معاملو سامهون آيو هو ته سنڌ رولز آف بزنس تحت ڪنهن به آفيسر کي گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن تائين هڪ پوسٽ تي مقرر هجڻ لازمي آهي ۽ اهو معاملو عدالت ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت اهو رُول ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح اينٽي ڪرپشن جي سيٽ اپ کي تبديل ڪري نيب وانگر خودمختيار ادارو قائم ڪرڻ، ڊي جي مقرر ڪرڻ، ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ ۽ ٻيا اهم اختيار ڏيڻ وارو قانوني بل پڻ تيار ڪرڻ لاءِ ضياءَ الحسن لنجار جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ گهرو کاتي جي وزير، اطلاعات واري وزير، قانون واري سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل کي شامل ڪيو ويو آهي. اُها ڪاميٽي قانوني بل جو مسودو تيار ڪري سنڌ ڪابينا کي پيش ڪندي. ذريعن موجب اهو بل 3 جولاءِ کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ آندو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *