Friday , April 19 2024

پ پ شڪارپور جو گرفتار صدر ۽ اڳواڻو ايم پي اي بابل خان ڀيو رمانڊ تي نيب حوالي

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيل پيپلز پارٽي شڪارپور ضلعي جي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي بابل خان ڀيو کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت کيس 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، نيب جو چوڻ آهي ته بابل ڀيو جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ غير قانوني طريقي سان پئسا منتقل ڪيا ويا. نيب جي جاچ ٽيم بابل ڀيو کي لاڳاپيل احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته، جوابدار بابل ڀيو جي بئڪ اڪائونٽ ۾ غير قانوني طريقي سان پئسا منتقل ٿيا آهن، جنهن بابت انويسٽيگيشن دوران هن مناسب جواب نه ڏنا. جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته بابل ڀيو کي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي بابل ڀيو کي 10 سيپٽمبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾  نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته، جوابدار بابل ڀيو جي اڪائونٽ ۾ 56 لک رپين جي غيرقانوني ٽرانزيڪشن ٿي آهي.

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي جوابدار جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته بابل ڀيو خلاف بئنڪ ٽرانزيڪشن جو معاملو آهي، جيڪو نيب جو نه پر ايف آءِ اي جو معاملو آهي، نيب کيس غيرقانوني گرفتار ڪيو آهي. جوابدار جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته نيب بابل ڀيو جون 2 گاڏيون به تحويل ۾ ورتيون آهن، جيڪي واپس ڪيون وڃن. عدالت جوابدار جي وڪيل کي گاڏين جي واپسي لاءِ لکت ۾ درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بابل ڀيو نيب جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته انهن ڪيسز جو مقصد هڪ پارٽي جي صدر کي ڌمڪائڻ آهي. هن چيو ته هي ڪيس ايف آءِ اي جو آهي، ڇو ته نيب 5 ڪروڙ کان گهٽ رقم جي ڪيس جي جاچ نه ٿي ڪري سگهي.

پ پ ايم پي اي عابد ڀيو ۽ سندس ڀاءُ بابل ڀيو آفيسرن کي اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *