Friday , April 19 2024

پ پ سنڌ ۾ زراعت جي تباهي جو ذميواروفاقي سرڪار کي قرار ڏئي ڇڏيو…

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي پريس سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ زراعت جي تباهي وفاقي سرڪار جي ناانصافين سبب آئي آهي، ن ليگ جي قيادت ڪڏهن به وفاق جي علامت ۽ عظمت کي ناهي سمجھيو ۽ ڪڏهن به وفاقي ۽ قومي چهرو ناهي ڏيکاريو. بلاول هائوس پ پ پ ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولا بخش چانڊيو چيو ته نواز ليگ جي وفاقي حڪومت سبب ننڍن صوبن کي وڏو نقصان ٿيو آهي. وفاق جي بادشاهي جهڙي حڪمراني عوام ۽ ادارن کي تباھ ڪيو آهي. هن چيو ته ن ليگ شيڊول جي باوجود روهڙي ڪئنال کان سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب آبادگار ۽ هاري سخت پريشان ٿي رهيا آهن ۽ ڪڻڪ جو فصل تباھ ٿي رهيو آهي. اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته سڪرنڊ کان بدين تائين پاڻي بند آهي جنهن ڪري ماڻهو فصل ۽ پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي رهيا آهن. ٻڌايو وڃي ته هيءَ ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا عوامي مسئلن جي حل بجاءِ سندن زندگين سان کيڏي رهي آهي.

مولا بخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته ان معاملي تي جڏهن وفاقي سرڪار سان اهڙي معاملي تي ڳالهايو ته چيو ويو پاڻي نئب چيئرمين بند ڪرايو آهي. نيب چيئرمين کي ذاتي طور سڃاڻان ٿو ته هُو سُٺو انسان آهي پر نئب کي اهڙا قدم نه کڻڻ گھرجن جنهن سان عوام کي ڏکيائون پيش اچن. هن چيو ته ن ليگ جي وفاقي سرڪار اهو تاثر پکيڙي رهي آهي ته هُو عدالتن جو احترام ڪري ٿي پر عوام ڄاڻي ٿي ته ن ليگ جا اڳواڻ عدالتن ۽ نئب ۾ پيشي کان پوءِ جيڪا زبان استعمال ڪندا آهن اها ڪنهن کان ڳجھي ناهي.

مولابخش چانڊيو چيو ته، ادارن جو اهو ٻٽو نظام قبول ناهي. هن چيو ته نئب جو قانون اسان لاءِ الڳ ۽ ن ليگ لاءِ الڳ ۽ عدالتن جو قانون به اسان لاءِ الڳ ۽ انهن لاءِ الڳ آهي. هن چيو ته پ پ پ هميشه عدالتن ۽ قانون جو احترام ڪيو آهي. هن چيو ته وقت کان پهريان پاڻي بند ڪرڻ جا ڪهڙا مقصد آهن. سنڌ ۾ پاڻي بحران جي فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان اهو پڻ ڄاڻون ٿا ته پاڻي جي فراهمي پنجاب جي ڪهڙي مخصوص علائقن ۽ مخصوص ماڻهن کي ٿي رهي آهي. سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي پٽيءَ سان ڪهڙي قِسم جو ورتاءُ رکيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مولا بخش چانڊيو چيو ته نااهل نواز شريف ۽ قاتل شهباز شريف سعودي عرب دعا وٺڻ ويا آهن. ڇو ته جڏهن سمورا دروازا بند ٿي وڃن ٿا ته ان پاڪ ذات جا دروازا کليل هوندا آهن پر دعا جو دارومدار نيت تي آهي. ۽ اها نيت ٻنهي ڀائرن جي سُڍي نه ٿي ٿي سگھي.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *