Friday , March 29 2024

پ پ حڪومت جو ڪاميابي سان صوبائي خودمختياري ڏانهن قدم..!؟

IG N1

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڏيڍ مهيني دوران سنڌ پوليس  آفيسرز جون مقرريون ۽ بديلون ڪرڻ جا اختيار پهريان آءِ جي سنڌ کان واپس وٺي وڏي وزير، بعد ۾ وڏي وزير کان چيف سيڪريٽري نيٺ اهي اختيار صوبائي گهرو وزير جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ ۾ هلندڙ اختلافن سنڌ پوليس جي آفيسرز کي سخت مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي آهي. پ پ جي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي اي ڊي خواجا وچ ۾ هلندڙ اختلافن ۽ آءِ جي بدلي وارو معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ کانپوءِ آهستي آهستي آءِ جي سنڌ کي بي اختيار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پوليس ۾ ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ايس پي جي مقرري ۽ بدلي جا اختيار صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال حوالي ڪري ڇڏيا آهن. آءِ جي سنڌ کان واپس ورتل اختيار وڏي وزير کي منتقل ڪرڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، سنڌ حڪومت جي رولز آف بزنس 1986ع جي رول نمبر -7 جي سب سيڪشن ٽو (II) ، تحت صوبي ۾ 20 گريڊ جي ڊي آءِ جيز، 19 گريڊ جي ايس ايس پيز ۽ 18 گريڊ جي ايس پيز جي بدلي ۽ مقرري هاڻي صوبائي گهرو وزير جي منظوري سان ڪئي ويندي. مقريرين ۽ بدلين جا اهڙن حڪم نامن جا نوٽيفڪيشن نوٽيفڪيشن خدمتن ۽ عام انتظامن وارو کاتو (ايس اينڊ جي اي ڊي) جاري ڪندو. جاري ڪيل نئي نوٽيفڪيشن مطابق وڏو وزير ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ايس پي جي بدلي واري اختيار تان هٿ کڻي ويو آهي. وڏي وزير جي دستبردار ٿيڻ کانپوءِ اهڙو اختيار صوبائي گهرو وزير حوالي ڪيو ويو آهي.

Suhal & ADAsif Zardari & Murad shah

ان سلسلي ۾ هڪ ڊي آءِ جي نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، سنڌ حڪومت اهڙا حڪم جاري ڪري جيڪي سڀاڻي سندس ڳچيءَ ۾ نه پون، کيس ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪجھ مهينن کانپوءِ سنڌ حڪومت کي پنهنجا ئي فيصلا پريشان ڪندا. هڪ ايس ايس پي چيو ته، اسان کي سخت افسوس ٿي رهيو آهي ته عملي طور تي آءِ جي سنڌ اسان جو سربراھ ئي ناهي رهيو، پوليس هڪ صوبائي وزير جي ماتحت ٿيندي پئي وڃي، ان باوجود به اسان ڪجھ نه ٿا ڪري سگهون، آءِ جي سنڌ سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اداري کي تباهي طرف ڌڪڻ ۾ اسان سڀ برابر جا شريڪ آهيون هن چيو ته، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندو پاڻي سنڌ درياءَ سميت واهن ۾ نيڪال نه ڪرڻ واري عدالتي حڪمن تي عمل ته ناهي ڪيو پر پوليس آفيسرز جا اختيار پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن جي حوالي ڪري پوليس کي سياستدانن جي ماتحت ڪرڻ گهري ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *