Friday , March 29 2024

پ پ حڪومت جو نئون فارمولو، استادن کان هر 5 سالن کانپوءِ ٻيهر امتحان وٺڻ تي غور

ڪراچي ( اصغر آزاد      سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ دنيا جو منفرد نظام لاڳو ڪرڻ تي ويچاري رهي آهي. سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ هڪ ڀيرو ڀرتي ٿيڻ بعد هر پنجن سالن کانپوءِ ٻيهر استادن کان ٽيسٽ وٺڻ تي ويچاريون پيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جنهن استاد کي پڙهائڻ نٿو ان جي ٻيهر ٽيسٽ وٺي انکي سسٽم کان ٻاهر هئڻ گهرجي، هر قسم جي اثر رسوخ کان تعليم کي آزاد ڪري بهتر بڻائڻ چاهيان ٿو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن جي مستقلي واري معاملي تي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، تعليم وارو وزير، قانون وارو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي ته اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي ذريعي 15649 استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه عملدارن کان سوال ڪيو ته ڇا استادن کي مستقل ڪرڻ لاءِ ڪا پاليسي آهي؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري جواب ڏيندي چيو ته پاليسي تحت مستقلي لاءِ ٻيهر اين ٽي ايس ٽيسٽ گهربل آهي، استادن چاهين ٿا ته انهن ٽي سال ڪانٽريڪٽ جو وقت مڪمل ڪيو آهي، جنهنڪري کين مستقل ڪيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته سٺن استان جي مستقلي جو ڪو به مسئلو نه ٿيڻ گهرجي، هو چاهي ٿو ته جيڪي استاد مسقتل آهن انهن جي بي ٽين ڌر ذريعي ٽيسٽ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا هر 5 سالن کانپوءِ استادن جي ٽين ڌر ذريعي ٽيسٽ ڪرايا وڃن، جنهن استاد کي پڙهائڻ نٿو اچي انکي سسٽم کان ٻاهر هئڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته هو هر قسم جي اثر رسوخ کان آزاد ڪري  تعليمي نظام کي کي بهتر ڪرڻ گهري ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *