Friday , March 29 2024

پ پ جي هڪ ٻي مهرباني! رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائيڪ، مولابخش چانڊيو سينيٽر سنڌ جا، ترقياتي ڪم پنجاب ۾ !!

پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ مولابخش چانڊيو، جنهن پنجاب ۾ فنڊز خرچ ڪيا

اسلام آباد/ ڪراچي(اصغرآزاد / خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي سنڌ مان چونڊرايل سينيٽر رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ مولابخش چانڊيو 2012 ۽ 2013 دوران مليل ترقياتي ڪمن جا فنڊز راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪرايا ويا، سينيٽ جي جي ڪاب ينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران لکت ۾ پيش ڪيل هڪ رپورٽ ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ رحمان ملڪ کي سنڌ جي سينٽر هجڻ جي بنياد تي وفاقي حڪومت پاران ترقياتي ڪمن لاءِ مليل فنڊز هنن سنڌ ۾ خرچ ڪرڻ بدران پنجاب ۾ خرچ ڪيا ويا. رپورٽ ۾  انڪشاف ڪيو ويو آهي ته، سنڌ سان واسطو رکندڙ سينيٽر مولا بخش چانڊيو پاران سال 13-2012ع ۾ راولپنڊي، اٽڪ، لکي مروت، چنيوٽ ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ روپين جون 11 ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون.  لکت ۾ پيش ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته سينيٽ جي ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ مان چونڊيل ميمبر مولابخش چانڊيو سال 13-2012ع ۾ راولپنڊي ضلعي ۾ 5 لک ماليت جون 2 اسڪيمون ڏنيون، جن مان راولپنڊي جي مري تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ 2 لک جي لاڳت سان پاڻي جي فراهمي جي اسڪيم ڏني وئي جيڪا وقت اندر مڪمل به ٿي وئي. 3 لک جي لاڳت سان مولا بخش چانڊيو پاران سي سي بلاڪ واري اسڪيم اڃا تائين مڪمل نه ٿي آهي.

آصف زرداري جو ويجهو دوست فاروق ايڇ نائڪ سنڌ مان سينيٽر چونڊجڻ دوران 2013 ۾ سنڌ جا فنڊز پنجاب ۾ خرچ ڪيا

اهڙي ريت مولا بخش چانڊيو اٽڪ ضلعي جي اڪبر ٽائون کي 12 لک ۽ اٽڪ ضلعي جي گولڙا يونين ڪائونسل کي ساڍا 7 لک روپين جي لاڳت سان بجلي فراهمي جون اسڪيمون ڏنيون ويون. انهن اسڪيمن مان يو سي گولڙا وارا اسڪيم مڪمل ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڪبر ٽائون واري اسڪيم اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي. اهڙي ريت مولا بخش چانڊيو 3 لک 65 هزار جي لاڳت سان چنيوٽ ضلعي جي بوهانا، نلڪا ادا، وارا روڊ لاءِ ٽرانسفارمر ۽ پول لڳائڻ لاءِ 3 لک 65 هزار جي اسڪيم ڏني، جيڪا مڪمل ٿي وئي آهي. سال 13-2012 ۾ سنڌ مان چونڊيل مولا بخش چانڊيو لڪي مروت ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ مجموعي طور تي 71 لک 85 هزار روپين جون 6 اسڪيمون ڏنيون، جيڪي 6 ئي مڪمل نه ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته چنيوٽ ضلعي ۾ ٽرانسفارمر ۽ پول لڳائڻ لاءِ مولا بخش چانڊيو 3 لک 65 هزار روپين جي اسڪيم ڏني، جيڪا مڪمل ٿي چڪي آهي.

سنڌ مان چونڊيل رحمان ملڪ 13-2012ع ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي لاڳت جون 2 ترقياتي اسڪيمون گجرانوالا ڊسٽرڪٽ ۾ ڏنيون، ٻئي اسڪيمون 50، 50 لک روپين جي لاڳت جون هيون، جيڪي مڪمل ٿي چڪيون آهن، اهڙي ريت سنڌ مان چونڊيل سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ سال 13-2012ع ۾ هڪ ڪروڙ جي ترقياتي اسڪيمن مان 90 لک جون ترقياتي اسڪيمون راولپنڊي ضلعي جڏهن ته 11 لک 67 هزار روپين جي لاڳت سان هڪ اسڪيم مٽياري ضلعي جي يونين ڪائونسل شهمير راهو کي ڏني، هڪ ڪروڙ جي اسڪيمن مان 11 لک 67 هزار روپين جي لاڳت واري بجلي جي فراهمي واري اسڪيم اڃا 40 سيڪڙو مڪمل ٿي آهي، جڏهن ته 60 سيڪڙو اڃا تائين ان اسڪيم تي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. فاروق ايڇ نائيڪ پاران راولپنڊي جي خاخلي يونين ڪائونسل ۾ بجلي جي فراهمي واري 20 لکن جي اسڪيم مڪمل ٿي چڪي آهي. اهڙي ريت عباس خان مشين کان وليج چهچ راون تائين روڊ جي تعمير لاءِ ڏنل 40 لکن جي اسڪيم به مڪمل ٿي وئي آهي، فاروق ايڇ نائيڪ پاران لنڪ روڊ منڊاڪاس جي تعمير واري 30 لکن جي اسڪيم اڃا مڪل ناهي ٿي سگهي، پيش ڪيل تفصيلن موجب 13-2012ع ۾ فنڪشنل ليگ جي سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه هڪ ڪروڙ روپين جي لاڳت سان 4 بجلي جي فراهمي ۽ هڪ روڊ جي تعمير سميت 5 منصوبا پنهنجي ضلعي عمرڪوٽ کي ڏنا، جيڪي سمورا مڪل ڪيا ويا. پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا پاران سال 13-2012ع ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي لاڳت جون 4 اسڪيمون ٺٽي ضلعي کي ڏنيون، جن مان هڪ اسڪيم به مڪمل نه ٿي سگهي آهي.

ڊاڪٽر ڪريم خواجا پاران ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ تارڙ خواجا ۾ 45 لک لک جي لاڳت سان فلٽريشن پلانٽ جي اسڪيم ڏني. 25 لکن جي لاڳت سان گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول بلڙي شاهه ڪري ۾ ڪمپيوٽر سينٽر جي تعمير جو منصوبو ڏنو،. ساڳئي نموني 10 لک روپين جي لاڳت سان گرلز پرائمري اسڪول محمود آباد ضلعي ٺٽي جي ڪمپائونڊ وال جي اسڪيم ڏني، 20 لکن جي لاڳت سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جاتي ضلعي ٺٽي ۾ ڪمپيوٽر سينٽر جي قيام جي اسڪيم ڏني. جيڪي اسڪيمون اڃا تائين اڻ مڪمل اسڪيمن ۾ شامل آهن، جڏهن ته سنڌ مان چونڊيل اسلام دين شيخ سال 13-2012ع ۾ هڪ ڪروڙ جي لاڳت سان 4 اسڪيمون ڏنيون، جيڪي چارئي مڪمل ڪيون ويون، اسلام دين شيخ چارئي اسڪيمون پنهنجي ضلعي سکر کي ڏنيون، سنڌ مان چونڊيل ميان رضا رباني 50، 50 لک روپين جي لاڳت سان سنڌي آبادي واري ڪراچي ۾ قائم ڳوٺ چنيسر ڳوٺ ۾ سي سي فلورنگ ۽ روڊ جي تعمير لاءِ اسڪيمون ڏنيون، جيڪي ٻئي اسڪيمون پڻ مڪمل ڪيون ويون، سنڌ مان چونڊيل سينيٽر گل محمد لاٽ 94 لک روپين جي لاڳت سان ٿرپارڪر کي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ اسڪيم ڏني، جيڪا اڃا تائين اڻ مڪمل آهي، عاجز ڌامراهه جي 40 لک روپين جي لاڳت سان ٽنڊو محمد خان ضلعي جي علائقي شيخ ڀرڪيو کي واٽر سپلاءِ جي اسڪيم ڏني، جيڪا اسڪيم پڻ اڃا تائين اڻ مڪمل آهي، سنڌ مان چونڊيل سينيٽر فيصل رضا عابدي ڀٽائي آباد ۽ فقيرا ڳوٺ کي سيوريج سسٽم جي 75 لک روپين جي لاڳت سان اسڪيم ڏني جيڪا مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سينيٽر سعيد غني 13-2012ع ۾ پنهنجي علائقي چنيسر ڳوٺ ڪراچي جي يو سي 4 کي هڪ ڪروڙ جي لاڳت سان سيوريج لائين اسڪيم ڏني، جيڪا پڻ مڪمل ٿي چڪي آهي، سنڌ مان چونڊيل سينيٽر هري رام ڪشوري لال 13-2013ع ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي لاڳت سان پنهنجي ضلعي ميرپور خاص جي مختلف علائقن کي 15 اسڪيمون ڏنيون، جيڪي سموريون اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *