Thursday , April 18 2024

پ پ جي طاقتور ۽ انتهائي بااثر ايم پي اي سردار چانڊيو خلاف سنڌ جي نياڻي ميدان ۾ نڪري پئي

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سپرفيم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو ان وقت صورتحال عجيب ٿي وئي، جڏهن اوچتو هڪ عورت پوليس اهلڪار ڊوڙ پائڻ لڳي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي آمد وقت وڪيلن وارو لباس پهريل هڪ ناري پلي ڪارڊ کڻي اوچتو چيف جسٽس جي قافلي آڏو اچي وئي. ناري کي روڪڻ لاءِ عورت پوليس اهلڪار سند پڄيان ڊوڙڻ لڳي ۽ کيس چيف جسٽس جي گاڏي آڏو اچڻ کان روڪي ورتو. چيف جسٽس جي قافلي آڏو اچي پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ لاءِ سر جو سانگو لاهي چيف جسٽس جي گاڏي آڏو اچڻ جي ڪوشش ڪندڙ ميهڙ ۾ ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي گهر آڏو فائرنگ ڪري قتل ڪيل ڪابل چانڊيو جي وارث نياڻي رباب چانڊيو هئي، جيڪا ايل ايل بي جي شاگردياڻي پڻ آهي.

ان موقعي تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي روڊ تي فوٽ پاٿ تي بيٺل وڏي تعداد ۾ ماڻهو به پلي ڪارڊ کڻي رستي تي اچي ويا، انهن سمورن ماڻهن جو واسطو دادو ضلعي جي ميهڙ سان واسطو هو. احتجاج ڪندڙ ميهڙ ۾ ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي گهر آڏو هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل يو سي ٻليدائي جي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ۾ مبينا طور ملوث پ پ ايم پي اي ۽ قمبر ۽ دادو جي ڪاڇي واري علائقي جي انتهائي بااثر شخص سردار چانڊيو جي خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. احتجاج ڪندڙن سردار چانڊيو ۽ پ پ جي صووڀببائي حڪومت خلاف نعري بازي به ڪندا رهيا.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي قافلي گذري وڃڻ کانپوءِ چيف جسٽس جي قافلي آڏو اچي سندس گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪرم الله چانڊيو جي پوٽي رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، بااثر پ پ ايم پي اي سردادر چانڊيو سندس ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ۾ سڌو سئون ملوث آهي،جنهن  کي ايف آءِ آر ۾ نامزد به ڪيو ويو هو، پربااثر سردار چانڊيو ۽ پنهنجي ڀاءُ برهان چانڊيو جو نالو ايف آءِ آر مان ڪڍرائي ڇڏيو. هن چيو ته سندس خاندان جا 3 ماڻهو ناحق گهر آڏو ماريا ويا، اهو درد ڪير نه ٿو ڄاڻي. هن چيو ته هُو ڪيترن ئي مهينن کان در در ڌڪا ۽ ٿاٻا کائي رهيا آهن پر ڪير به سندن دانهن ورنائڻ وارو ناهي. هن چيو ته سردار چانڊيو ۽ سندس هٿياربند سندن خاندان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن خدشو ظاهر ڪيو ته سردار چانڊيو ٻيهر حملو ڪري سندن ڪٽنب کي وڌيڪ جاني نقصان رسائي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *