Friday , March 29 2024

پڪاچانگ ۾ پرائيم انسٽيٽيوٽ آف ڪومپيٽيٽواسٽڊيز پاران 6 مارچ تي سيمينار ٿيندو

فيض گنج ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پڪاچانگ شهر ۾ قائم پرائيم انسٽيٽيوٽ آف ڪومپيٽيٽواسٽڊيز پاران ڇهين مارچ تي سيمينار رٿيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالغني شر جو چوڻ آهي ته، سيمينار ۾ مختلف شعبن تي لاڳاپيل فيلڊس جا ماهر ليڪچرز ڏيندا. سيمينار ۾ شاگردن کي ڪيريئر ڊيولپمينٽ سميت مختلف شعبن جي  چٽاڀيٽي وارن امتحانن بابت پڻ ڄاڻ ڏني ويندي. سندس چوڻ آهي ته، اسان جو مقصد تعليم کي عام ڪرڻ ۽ نوجوانن ۾ چٽاڀيٽي وارن امتحانن لاءِ نه رڳو همٿائڻ آهي پر انهن کي ڪيريئر ڊيولپمينٽ بابت به مڪمل ڄاڻ ۽ رهنمائي پهچائڻ آهي. عبدالغني شر جو چوڻ آهي ته، پي آءِ سي ايس ڪاليج ۾ مختلف شعبن ۾ داخلائون پڻ ڪيون پيون وڃن، ان لاءِ شاگردن کي بهتر تعليم جي حاصلات لاءِ فوري طور تي رابطي ۾ اچڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *