Tuesday , April 16 2024

پي ٽي آئي اسٽيٽس ڪوجي خلاف؟_الهه بخش راٺوڙ

rathore

ڇا پاڪستان ۾ ڪا اسٽيٽس ڪو جي خلاف سياسي پارٽي آهي؟ ڪٿي عمران خان اسٽيٽس ڪو جي خلاف ته ناهي؟ ڇا اسٽيبلشمنٽ نوازشريف جي خلاف آهي؟ جيڪڏهن آهي ته ڇو؟ڇا پيپلز پارٽي ماضي جو قصو ٿي رهي آهي؟ ڇا ڀٽوز کانسواءِ پيپلز پارٽي پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندي؟ ڇا هي وڏيرن جي پارٽي ٿي وئي آهي؟ هي اهڙا سوال آهن، جيڪي اڪثر ڪري سياسي ڪارڪن پڇن ٿا.سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه نوجوان دوستن جو خيال آهي ته هاڻ اسان سڀني کي پيپلز پارٽي سان همدرديون ۽ اميدون ختم ڪري سنڌ ۾ به تحريڪ انصاف جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن.! ان سان گڏ هي ڳالهه به چئي پئي وڃي ته سنڌ جو ڀلو ان ۾ آهي ته سنڌي نواز ليگ کي ووٽ ڏين، ڇاڪاڻ ته سنڌواسين جو مزاج اينٽي اسٽيبلشمنٽ آهي ۽ نوازليگ ان تي پوري لهي ٿي.منهنجن دوستن جن اي ميلز ڪيون ۽ ان ڳالهه تي بحث ڪيو ته پيپلز پارٽي هاڻ ماضي جو حصو ٿي ويو آهي، ان جو عڪس پنجاب ۾ ڏسي سگهجي ٿو.انڪري سنڌ ۾ به هي مهم هلائڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي سڄڻ نه رهي آهي،ان سان گڏ هي به لکيو ويو آهي ته جيڪي اديب، ليکڪ، سڄاڻ ۽ صحافي پيپلز پارٽي جي ڪنهن ڳالهه جي حمايت ڪن ٿا، اهي اصل ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي “گناهن” ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن، انهن کي جيڪڏهن انهن جو سهولت ڪار چئجي ته غلط نه ٿيندو.!

هي سمورا سوال ۽ ڳالهيون انهن دوستن ڪيا جيڪي اسان جي ينگ جنريشن آهي.مون کي پنهنجن دوستن سان تمام گهڻي همدردي آهي ۽ انهن جي خيالن جو احترام به ڪيان ٿو.هنن جي ڳالهين ۾ ڪافي وزن به آهي.مون کي انهن سان اختلاف به آهي.هنن سان اختلاف هجڻ، منهنجو حق آهي ۽ انهن کي به ساڳيو حق آهي.پر مون کان ڇرڪ ان وقت نڪتو، جڏهن سوشل ميڊيا تي اسان جي هڪ پياري دوست هي جملو لکيو“مسجدن کانپوءِ وڌيڪ لوٽا تحريڪ انصاف ۾ آهن”! هي ڳالهه يقينن منهنجن نوجوان دوستن کي نه وڻندي، پر مان Other Side جو موقف بيان ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان.ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻ نذر محمد گوندل ، تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ عمران خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته “جيئن ته پيپلز پارٽي هاڻ اسٽيٽس ڪو جي سياست ڪري ٿي ۽ تحريڪ انصاف ان جي خلاف آهي، انڪري هو ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن”! ان سان گڏ هن هي به چيو ته “پيپلز پارٽي کيس عزت ڏني،عهدا ڏنا، وزارتون ڏنيون ۽ سياسي سڃاڻپ ڏني، پر ان جي باوجود هو ان پارٽي ۾ رهي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس سياسي ڪيرئير تحريڪ انصاف ۾ آهي”.! ڪجهه ڏينهن اڳ آصف زرداري جي ويجهي ساٿي ۽ ارب پتي نورعالم،جنهن ايم اين اي جي سيٽ تان مات کاڌي هئي،اهو پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو، ان سان گڏ فردوس عاشق اعواڻ جي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ وقت عمران خان سندس تاجپوشي ڪئي ۽ آڌر ڀاءَ ڪيو. ان سان گڏ ڊاڪٽر بابر به ساڳيو رستو اختيار ڪيو.هي افواهه به سامهون آيا ته نديم افضل چن جيڪو پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جو جنرل سيڪريٽري ۽ گوندل جو ويجهو مائٽ به آهي، اهو به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي.

PTI Leaders 1

هاڻ اچون ٿا پنهنجن نوجوان دوستن جي سوالن طرف جيستائين سياسي ٻوجهه آهي ته هن ملڪ ۾ ڪابه پارٽي اينٽي اسٽيبلشمنٽ ڪانهي.نوازليگ هجي، پيپلز پارٽي هجي يا تحريڪ انصاف، مذهبي جماعتن ۾ جماعت اسلامي جو امير توڙي جو سياسي ڪارڪن آهي،پر اها به اينٽي اسٽيبلشمنٽ ناهي.ساڳي طرح سان هي سموريون پارٽيون اسٽيٽس ڪو جي خلاف به ناهن. جيڪڏهن Conventional wisdom کي سامهون رکيو وڃي ته هنن سمورين پارٽين هميشه اسٽيٽس ڪو قائم رکيو آهي.هنن جي اها ڪوشش آهي ته اهي عوامي اشوز جن تي سياست ٿيڻ گهرجي، انهن تي بحث کان ئي پاسو ڪجي.هي ساڳي صورتحال ميڊيا جي به آهي.توهان ڪو هڪڙو اهڙو بحث مباحثو نه ٻڌو هوندو، جيڪو اسٽيبلشمنٽ کان جان آجي ڪرائڻ يا اسٽيٽس ڪو کي ختم ڪرڻ بابت هجي.هر شيءَ جيئن آهي،جتي آهي، ان کي اتي رهڻ گهرجي.توهان ملڪ جي آئين ۾ تبديلي جي ڳالهه نٿا ڪري سگهو، توهان غدار ٿي ويندو.توهان ڪنهن اداري جي عوام دشمني بابت راءِ نٿا ڏئي سگهو، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو.! توهان ڪنهن به طاقتور ڌر جو نالو کڻي نٿا سگهو، اها توهان جو وجود مٽائي ڇڏيندي.توهان کي گول دائري ڪڍي ڏنو ويو آهي.هي vicious circle آهي، ان جي چوڌاري گردش ڪرڻي آهي.انڪري توهان جيڪڏهن ان دائري کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ئي چيو ويندو اڇا توهان کي پاپولر ٿيڻ جو وڏو شوق آهي! هر معاملي تي اختلاف ڪرڻ يا اڪثر معاملن تي الڳ راءِ ڏيڻ جو مقصد ڏڦيڙ آهي.انڪري توهان ڪنهن پارٽي لاءِ قابل قبول ناهيو.توهان ملڪ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهو ٿا،انڪري پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪريو.

مان پنهنجن نوجوان دوستن کان هٿي ٻڌي معافي وٺان ٿو ۽ هي گذارش به ڪريان ٿو ته هن ملڪ ۾ ڪابه اهڙي پارٽي ناهي، جنهن ۾ وڏيرا، چوڌري،سردار، مير ۽ پير نه هجن.هي پارٽيون انهن جون پناهه گاهون آهن.هنن جي پئسي ڏوڪڙ تي پارٽيون هلن ٿيون.هن ملڪ ۾ ڪابه پارٽي وچولي طبقي يا هيٺئين طبقي جي نمائندهه ناهي.انڪري انهن جو سياسي تڪ امير آهن.جڏهن ناليواري سائنسدان ۽ سياسي مبصر پرويز هودٻائي، عمران خان کي ڊونلڊ ٽرمپ لکيو ته پهريان ٿوري حيرت ٿي، ان کانپوءِ اتفاق ٿي ويو.هن قسم جا سمورا اڳواڻ ڏتڙيل عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران دولت جو طواف ڪن ٿا.هنن کي انهن اميدوارن جي ضرورت آهي، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ڪروڙپتي يا ارب پتي هجن.جيڪڏهن امير پارٽين جا سربراهه هوندا ته اهي “ڪرڙ ۽ ڪانڊيئري” جي ڪهڙي ڳالهه ڪندا؟ ڪجهه سال اڳ ۾ ڀارت ۾ ڪانگريس جي هڪ هٽي ختم ٿي ۽ ان جي جاءِ وري بي جي پي سنڀالي هئي ، ته سڀني تاڙيون وڄايون ته ملڪ ۾ تبديلي اچي وئي.پر خبر پئي ته ڀارت مذهبي انتهاپسندي جي ور چڙهي ويو.پوءِ سيڪيولر ڀارت جو جنازو ڌوم سان ڪڍيو ويو.ساڳي صورتحال اسان وٽ پيدا ٿي آهي.نوازليگ هجي يا تحريڪ انصاف بي جي پي کان گهٽ ناهن.پيپلز پارٽي جو لبرل رنگ موجود آهي، پر جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن جي حوالي سان قانون سازي ڪئي وئي ته اسلام کي خطرو ٿي ويو.پيپلز پارٽي جيترا قدم اڳتي وڌي اوترائي پوئتي هٽي وئي.هي موقعي پرستي آهي، جنهن جي نندا ڪرڻ گهرجي.

PTI Leaders Shafqat mehmoodPTI Leaders Asad umer

پيپلز پارٽي ماضي جو حصو ٿي وئي آهي، يا نه؟ هن سوال جو جواب ڪو جيالو ئي ڏئي سگهي ٿو.پر جهوني صحافي حسين نقي جيڪو پارٽي جي گهڻو ويجهو رهيو، ان جو چوڻ آهي ته هي اها پارٽي ناهي، جنهن جو بنياد شهيد ڀٽي رکيو هو.! جڏهن ته قمر زمان ڪائرا جهڙا جيالا هاڻ به چون ٿا ته پارٽي اها ئي آهي، جنهن جو بنياد ڀٽي شهيد رکيو هو.!

هاڻ هن ملڪ ۾ سياسي طور تي ڪا اهڙي جماعت ته آهي ڪونه جنهن کي ماڊل طور پيش ڪري سگهجي ۽ ڪنهن پارٽي جي پٺيان ڪا فلاسافي ناهي، سموريون پارٽيون ڏهاڙي تي سياسي اشوز تي سياست ڪن ٿيون.گهڻو ڪري سياسي پارٽيون سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس ۽ ٽي وي چينلز جي ٽاڪ شوز تي هلن ٿيون.انڪري ڪا وڌيڪ خراب هوندي ته ڪا گهٽ خراب، ائين جيئن Evil and less evil! انڪري منهنجي نوجوان دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي نوجوان ۽ گرم رت کي ٿڌو رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ويچارڻ گهرجي ته عوام جي سياست ڪندڙ پارٽي ڪڏهن وجود ۾ ايندي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *