Friday , March 29 2024

پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبلي جي 229 تڪن تي اميدوارن جو اعلان

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار)  پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن لاءِ اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، قومي اسيمبلي جي 272 تڪن مان 229 اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون. پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪي پي جي 99 تڪن مان 90 تڪن تي اميدوار بيهاريا ويا آهن جڏهن ته پنجاب جي 238 تڪن تي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون.  ترجمان موجب سنڌ جي 79 ۽ بلوچستان جي 36 تڪن تي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن. پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب فاٽا جي 11 ۽ اسلام آباد جي ٽنهي سيٽن تي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون. اميدوارن جي لسٽ عمران خان جي منظوري کانپوءِ جاري ڪئي وئي، جڏهن ته رهيل تڪن تي اميدوارن جو اعلان ڪجهه ڏينهن بعد ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب علي محمد خان کي اين اي 22 مردان ۽ عامر لياقت کي اين اي 245 ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ طرفان عائشه نذير جٽ جي جاءِ تي خالد محمود چوهاڻ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي، اين اي 162 مان عائشه جٽ کان ٽڪيٽ واپس ورتي وئي.پي ٽي آءِ طرفان چوڌري نثار جي مقابلي ۾ غلام سرور کي اين اي 59 ۽ اين اي 63 تان ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي.پي ٽي آءِ لوڌران ۾علي ترين جي جاءِ تي محمد شفيق آرائين کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ڪوهستان ضلعي مان سدرا خالد کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي ۽ پي ڪي 42 هري پور مان طاهر اقبال کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي. پي ٽي آءِ طرفان اين اي 145 ملتان مان سڪندر حيات بوسڻ کان ٽڪيٽ واپس ورتي وئي، ترجمان جو چوڻ آهي ته اين اي 145 جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *