Thursday , March 28 2024

پي ٽي آءِ وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تڪراري بيان تي سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي استعيفيٰ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان چيو آهي ته نواز شريف هاڻي عالمي اسٽيبلشمينٽ کي اپيل ڪري پيو ته کيس بچايو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف ڇا سمجِهي اهڙي قسم جو  انٽرو ويو ڏنو ان کي غور سان ڏسڻو پوندو، سندس بيان سان ڀارت کي فائدو رسيو آهي. هن چيو ته نواز شريف جيڪو ڪيو ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي غداري ٿي سگهي ٿي، ڀارتي لابي نواز شريف جي هن بيان کي اڳتي کڻي ويندي ته اسان بليڪ لسٽ ۾ وڃي سگهون ٿا.

پريس ڪانفرنس دوران عمران خان شهباز شريف ۽ وزيراعظم کان استعيفيٰ وٺڻ ۽ نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ ۽ سندس خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان نواز شريف جي اهڙي بيان تي پارليامينٽ ۾ به اچي وضاحت ڏئي. پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته اهڙي راند ڇو کيڏي وئي، ڀارتي ميڊيا ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته هتي سڀ ڪجهه فوج ڪرائي رهي آهي. هن چيو ته پاناما پيپر ۾ نالو اچڻ بعد نواز شريف عدليا ۽ ملڪي ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، اڄ کيس اين آر او ملي وڃي ته سندس لاءِ فوج ۽ عدليا سٺي ٿي ويندي.عمران خان چيو ته نواز شريف هاڻي عالمي اسٽيبلشمينٽ کان اپيل ڪري پيو ته کيس بچايو وڃي، هن ملڪ کي عالمي سطح تي نقصان پهچايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *