Thursday , April 25 2024

پي ٽي آءِ حڪومت پاران اين ايف سي ايوارڊ تي راتاهي جون تياريون

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پاران ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ کان پهريان نيشنل فنانس ڪميشن ( اين ايف سي) تي راتاهو هڻڻ جي تياري ڪري ڪري ورتي آهي، وزير اعظم ناڻي واري وزير کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته اين ايف سي تحت سنڌ سميت چئني صوبن کي ملندڙ ٽي سيڪڙو حصي ۾ ڪٽوتي ڪري فاٽا تي خرچ ڪيو ويندو. وفاقي وزير فواد چوڌري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته، ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ملندڙ ٽي سيڪڙو حصو سڌي طرح ڪاٽيو ويندو.

هن چيو ته وزيراعظ۾ عمران خان اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ڪري ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزير اسد عمر کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. اين اف سي تحت سنڌ سميت چئني صوبن کي ناڻي جي ملندڙ ٽي مان ٽي سيڪڙو ڪٽو واري رقم فاٽا ۾ خرچ ڪئي ويندي. آئيني ۽ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جو اهڙو فيصلو مڪمل طور تي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، ڇو ته اين ايف سي ۾ وفاق پاڻ هڪ ڌر هجي ٿو ۽ وفاقي ڪابينا ان بابت ڪو به اهڙو فيصلو ڪري ئي نه ٿي سگهي. ياد هجي ته سنڌ ۽ بلوچستان ماضي ۾ اهڙي ڪٽوتي جي سخت مخالفت ڪري چڪا آهن ۽ ان ئي سبب جيڪري اين ايف سي جو فيصلو به نه ٿي سگهيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *