Saturday , April 20 2024

راڻا مشهود جي بيان تي پي ٽي آءِ، ن ليگ سميت پنجاب جي سياست ۾ ٻڙڌڪ پئجي ويو

لاهور ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نون ليگ اڳواڻ راڻا مشهود پاران تحريڪ انصاف جي پنجاب ۾ حڪومت جي مهمان هجڻ واري بيان وفاقي ۽ پنجاب حڪومت سميت سياسي پارٽين ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، ن ليگ راڻا مشهود جي بيان کي ذاتي راءِ قرار ڏيندي کائنس وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ، شهباز شريف ۽ نواز شريف جي انتهائي ويجهو سمهيو ويندڙ راڻا مشهود هڪ نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو، ۾ دعويٰ ڪندي چيو ته، اسٽبلشمينٽ هاڻي سمجهي وئي آهي ته، پنجاب ڻ پي ٽي آءِ کان وڌيڪ بهتر وڏو وزير شهباز شريف هو. سندس چوڻ هو ته، اسٽبلشمينٽ سان ن ليگ جا معاملا طئه ٿي ويا آهن، ننڍين چونڊن ۽ اليڪشن دوران ڌانڌلين جي هلندڙ اپيلن جا فيصلا اچڻ سان پنجاب جي حڪومت ختم ٿي ويندي. راڻا مشهود جو چوڻ هو ته، پٽيشنز تي فيصلا اچڻ سان صورتحال تبديل ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راڻا مشهود چيو ته قومي ادارن ۾ اها راءِ موجود آهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ٺيڪ نه ٿي رهيو آهي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته  پنجاب ۾ پي ٽي آءِ معمولي اڪثريت آهي، سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ کي اها اڪثريت ڪيئن ملي آهي. راڻا مشهود چيو آهي ته شهباز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، شهباز شريف سڀني کي گڏ کڻي هلڻ ڄاڻي ٿو.

راڻا مشهود جي اهڙي بيان کانپوءِ ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ هلچل پيدا ٿي وئي آهي؛خاص طور تي پنجاب جي سياست ۾ غيريقيني وارو ماحول ڏٺو پيو وڃي. ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف راڻا مشهود جي بيان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس طلب ڪري ورتو آهي. ن ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف راڻا مشهود کي وٽس پيش ٿيڻ لاءِ هداسيتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جيڪو اڄ اربع ڏينهن ڪنهن به وقت شهباز شريف سان ملاقات ڪري سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته، راڻا مشهود جو بيان سندس ذاتي راءِ آهي، اُهو سندس ذاتي رايو آهي نه ڪي ن ليگ جي پاليسي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *