Friday , April 19 2024

پي ٽي آءِ جو 50 لک گهرن وارو پروگرام مستقبل جو ميگا اسڪينڊل هوندو: خورشيد شاهه

سکر( رپورٽر سنڌسماءَچار) خورشيد شاهه پي ٽي آءِ جي حڪومت پاران  50 لک گهرن واري اسڪيم کي ڊرامو ۽ سنگين غلطي قرار ڏيندي چيو آهي ته 3 هزار رپيا آمدني وارا شهري گهر جو 15 لک رپين جو قرض ڪٿان ۽ ڪيئن لاهي سگهندا، حڪومت آشيانا اسڪيم کان به وڏي غلطي ڪرڻ وڃي رهي آهي. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ۽ پيپلز پارٽي جي ايم اين سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي نيب، ايف آءِ اي ۽ ايف بي آءِ ذريعي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ننڍين چونڊن جي نتيجن مان پي ٽي آءِ حڪومت جي 50 ڏينهن واري ڪارڪردگي جو پتو پئجي ويو آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته گاريون ڏيڻ سان ملڪي معيشت بهتر نه ٿيندي، 50 ڏينهن ۾ حڪومت رڳو ناڪام معاشي پاليسيون ئي ڏنيون آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال سبب عوام ڊنل آهي، معيشت جي بهتري لاءِ  اسان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي نيب، ايف آءِ اي ۽ ايف بي آءِ ذريعي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ننڍين چونڊن جي نتيجن مان پي ٽي آءِ حڪومت جي 50 ڏينهن واري ڪارڪردگي جو پتو پئجي ويو آهي.خورشيد شاهه چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شهباز شريف جا پراڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جو چيو آهي ۽ جيڪڏهن اسپيڪر ايوان کي يرغمال بڻايو ته پارليامينٽ هلي نه سگهندي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت سان هر معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار هئاسين ته  اوچتو اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن قانون ذاتي مقصدن لاءِ استعمال  ٿيو ته اهو پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو . 50 لک گهر ٺهرائڻ وارو منصوبو رڳو هڪ دوکو آهي ۽ اها آشيانا اسڪيم کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *