Thursday , April 25 2024

پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،وزيراعظم پاران احسان ماني نامزد

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ نامياري صحافي نجم سيٺي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم آءِ سي سي جي اڳوڻي صدر احسان ماني کي نئون چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو آهي، نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته مان وزيراعظم جي عهدي سنڀالڻ جو انتظار ڪري رهيو هيس، استعيفيٰ کيس اماڻي ڇڏي آهي. پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”مان پنهنجي استعيفيٰ کان اڳ وزيراعظم طرفان حلف کڻڻ جو انتظار ڪري رهيو هيس. نجم سيٺي چيو آهي ته مون کي آگسٽ 2017 ۾ بورڊ آف گورنرز جي 10 ميمبرن گڏيل راءِ سان 3 سالن لاءِ پي سي بي چيئرمين مقرر ڪيو هو. توهان ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪا آهيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ توهان جو هڪ مقصد آهي. تنهن ڪري بهتر هوندو ته توهان اهو عهدو سنڀاليو ۽ ذميواري اهڙي مئنيجمينٽ حوالي ڪيو، جنهن سان توهان کي مڪمل اعتماد حاصل ٿئي. سندس چوڻ هو ته مان پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مفاد لاءِ توهان جي مقصد کي پورو ڪرڻ خاطر پي سي بي چيئرمين ۽ بورڊ آف گورنر جي رڪن جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان“.

ٻي پاسي نجم سيٺي جي استعيفيٰ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ايپ ٽوئيٽ تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته، پي سي بي چيئرمين جي استعيفٰ کانپوءِ، نئين چيئرمين جي لاءِ سندس پاران احسان ماني کي نئون چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو آهي. احسان ماني قائدن ۽ ضابطن تحت پي سي بي چيئرمين جي عهدي لاءِ باضابطه طور تي اليڪشن ۾ حصو وٺندو ۽ ڪاميابي بعد ئي احسان ماني پي سي بي جو چيئرمين ٿيندو.

احسان ماني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هو ٽن ورهين تائين آءِ سي سي ۾ خزانچي رهيو ۽ پوءِ هن ٽن سالن تائين آءِ سي سي جي سربراهي ڪئي.پنهنجي نجم سيٺي نئين حڪومت ايندي ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ وزيراعظم عمران خان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اڳوڻي صدر احسان ماني کي بورڊ جو نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *