Saturday , April 20 2024

پي ايس 29 جي اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ کان سخت پڇاڻو

فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ مختلف تڪن تي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کان ووٽرز پاران پڇاڻي وار سلسلو جاري آهي، پي ايس 29 فيض گنج ۾ ووٽرز اڳوڻي صوبائي وزير ۽ جي ڊي اي جي اميدوار ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ کان ووٽرز پاران سخت آڏي پڇا ڪري ڇپ ڪرائي ڇڏيو. ان کان ساڳي تڪ تي پ پ اميدوار شيراز شوڪت راڄپر کان به ووٽرز آڏي پڇا ڪئي هئي.

سموري ملڪ جيان سنڌ ۾ به 25 هين جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ اميدوارن کان چونڊ مهم دوران ڪوٽڙي، سانگهڙ، لاڙڪاڻو ۽ گهوٽڪي سميت مختلف تڪن تي ووٽرز کان پڇاڻو ڪيو ويو، جيڪو سلسلو زور وٺي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ فيض گنج مان سنڌ سماءَچار جي رپورٽر پاران موڪليل معلومات مطابق، فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ جي ڊي جي اميدوار ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ ان وقت پريشان ٿي ويو جڏهن پنهنجي تڪ جي ڀنگوبهڻ واري علائقي ۾ هڪ هنڌ چونڊ مهم لاءِ پهتو. ان موقعي تي رهواسين رفيق ٻانڀڻ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته، ” اوهان اسان جا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ڪهڙيون سهولتون ۽ روزگار ڏنو آهي؟؟ “. ” جنهن تي رفقي ٻانڀڻ معصومانا انداز ۾ چيو ته حڪومت اسان جي ٻڌندي ئي نه هئي “.  جنهن تي رهواسين چيو ته، ” جيڪڏهن توهان جي ڪير ٻڌي به نه ٿو ته پوءِ بار بار .اليڪشن ۾ بيهو ڇو ٿا ؟؟ “

ان موقعي تي اتي موجود هڪ شخص سوال ۽ پڇاڻو ڪندڙ شخص کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته وري ٻئي شخص پڇاڻو ڪندي چيو ته، ” اوهان مائينڊ ڪيو ته ڀلي ڪيو ته ڀلي ڪيو، ٻڌايو ته، ايم پي اي جي ڪوٽا هوندي آهي يا نه؟ ٻڌايو نه اسان کي ته، ڪمن جي ڪوٽا هوندي يان؟، سائين بادشاهه صدرالدين شاهه الحمدالله ايم اين اي هو ۽ وزير هو؛ ان ڇا ڏنو، ڇا مليو آهي سان کي.“ اتي موجود ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهڙي سخت آڏي پڇا بعد جي ڊي اي اميدوار ۽ ساڳي تڪ تان 3 ڀيرا ايم پي اي چونڊجندڙ ۽ هڪڙو ڀيرو اوقاف کاتي جو وزير ٿيندڙ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ اتان واپس روانو ٿي ويو.

ان کان اڳ پي ايس 29 فيض گنج جي اڪري واري علائقي ۾، ڳوٺاڻن پ پ اميدوار شيراز شوڪت کان به سخت آڏي پڇا ڪئي هئي. جنهن جون خبرون هلائڻ تي مقامي صحافي ۽ ليکڪ صداقت ميمڻ کي شيراز شوڪت جي ماڻهن سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جيڪو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو.

هي نيوز به پڙهو

اليڪشن مهم، پي ايس 29 جي اميدوار شيراز راڄپر کي ووٽرز سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *