Friday , April 19 2024

پي ايس 28 جي عوام لاءِ بنيادي سهولتن جي حاصلات منهنجو مشن آهي: آزاد اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه (رپورٽر   سنڌسماءَچار) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 28 تي آزاد اميدوار نثار احمد شر، چيو آهي ته ٺري ميرواهه جي صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي تڪ تان چونڊجندڙ اميدوار هر ڀيري ووٽ وٺي غائب ٿي ويندا آهن، تڪ جي عوام لاءِ ڪنهن به ڪجهه ناهي ڪيو. پي ايس 28 جي اميدوار نثار احمد شر سوئي گئس شهر ۾ دوڪانداارن سان ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي نثار شر چيو ته، ٺري ميرواهه کي هر ڀيري ڪامياب ٿيندڙ روايتي اميدوارن عوام کي ننڌڻڪو سمجهي صرف ووٽ وٺڻ لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته هر ڀيري ووٽ وٺي وعده ته ڪيا وڃن ٿا پر ٺري ميرواهه ۽ ناري تعلقي ۾ ڪي به ميگا پروجيڪٽس، پيئڻ جو صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ڪوشش ناهي ڪئي.

نثار شر دوڪاندارن سان ڳالهائيندي چيو ته، سوئي گئس شهر ۾ به سيوريج سميت ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ باوجود حڪومت ۾ رهندي به هتان جي چونڊيل عوامي نمائند مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪو به ڌيان نه ڏنو. نثار شر دوڪاندارن پاران ڪيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته صوبائي توڙي قومي تڪ تي هميشهه ٻاهريان ماڻهو ٿاڦيا ويا آهن، پر هاڻي ائين نه ٿيندو، اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد هُو تڪ جي عوام جي بنيادي مسئلن خاص ڪري، پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت ۽ زراعت جي ترقي لاءِ خصوصي طور تي ڪم ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ خصوصي پيڪيجز تي عملي ڪوششون ورتيون وينديون. ان موقعي تي دونادارن ۽ شهرين پاران آزاد اميدوار نثار احمد شر کي يقين ڏياريو ته هاڻي هُو سندس روپ ۾ مليل نوجوان قيادت کي ئي ووٽ ڪري ايوانن تائين پهچائيندا ۽ سندس ڪاميابي يقيني آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *