Friday , March 29 2024

پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو ٻن ڏينهن اندر يوٽرن

پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو ٻن ڏينهن اندر يوٽرن

سنڌ ۾ ڪير به اچي ڪنهن کي ڇو روڪينداسي:مراد علي شاهه

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سميت پ پ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل مان خارج نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت تي ڪاوڙيل سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي اوچتو يوٽرن وٺي ڇڏيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فواد چوڌري سميت وفاقي وزيرن توڙي پي ٽي آءِ اڳواڻ سنڌ اچي سگهن ٿا، انهن کي ڪنهن ناهي روڪيو. ڪجهه ڏينهن پهريان صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته، پي ٽي آءِ جي بدزبان وزيرن ۽ اڳواڻن پنهنجي بدزباني بند نه ڪئي ته مجبورن اسان کي انهن جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي ۽ اهڙو اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهي، ڇو ته انهن اڳواڻن جي بيانن سان بدامني پکڙجڻ جو خدشو آهي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي ساهه وڌيڪ چيو ته، اي سي ايل ۾ نالو شامل هجڻ جي پرواهه ناهي فسادين کي سختي سان چٿي ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته، انتقامي ڪاررواين تي خاموش نه ويهنداسين، سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته فساد پکيڙيندڙن کي لوهي هٿن سان چٿيو ويندو، جيسيتائين عوام گڏ آهي سازشون ڪامياب نه ٿينديون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *