Saturday , April 20 2024

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پي ٽي آءِ سان ٻه هٿ ڪرڻ جي ڪوشش

ڪوٽڙي / حيدرآباد( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) ڪرپشن ڪيسز ۽ جي آءِ ٽي رپورٽ کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ تڪرار تيز ٿي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاران وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ سان ٻه هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪوٽڙي ۾ اوورهيڊ برج جي افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن عوام اسلام آباد تي چڙهائي جو فيصلو ڪري ورتو ته اهو حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، صوبي جي بجلي، گيس ۽ پاڻي بند ڪري عوام کان پ پ سان محبت ڪرڻ جو بدلو ورتو پيو وڃي. سنڌ جي عوام پنهنجي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو هو، سنڌ جي عوام کي شهيد ڀٽو سان وفاداري جي سزا ڏني پئي وڃي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته، سندس چوڻ هو ته اسان جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ۽ جيل وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاريو پيو وڃي پر جيالن کي ڪو به ڊيڄاري نه ٿو سگهي.

جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته، ٽن مهينن اندر سنڌ جي مينڊيٽ تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي وئي، ڀلي سازشون ڪيون وڃن پر مخالفن جي هر سازش ناڪام ٿي ويندي. هي شفاف چوندن ۾ اسان کان نه ٿا کٽي سگهن، توهان اقتدار ته حاصل ڪري ورتو آهي پر عوام جو وقار برقرار رکي نه سگهيا آهيو. هن چيو ته توهان زور آزمايو، اسين صبر آزمائينداسن، ڏسون ٿا آخري فيصلو  ڪنهن جي حق ۾ اچي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو لاڏلن ۽ ڪوڙن جي جي آءِ ٽي رپورٽ کي قبول نه ٿا ڪن، جيڪڏهن عوام اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته اهو جعلي حڪومت جو آخري ڏينهن هوندو.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿو، بلاول پڻ عوام جي خدمت تي يقين رکندو آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته عوام جي خدمت جاري رکنداسين ۽ سنڌ مان تحريڪ شروع ٿيندي، بلاول وزيراعظم بڻجندو. جلسي کي پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پيپلزپارٽي جي جلسي جي موقعي تي سڄي علائقي ۾ حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا…..

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *