Friday , March 29 2024

پيپلزپارٽي ڪرپشن خلاف آهي:مراد علي شاهه جي دعويٰ

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار ) پيپلز پارٽي پاران سينيٽ ۾ سنڌ جي سمورين سيٽن تي اليڪشن وڙهڻ جو جو اعلان ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته، روهڙي ڪئنال جي  بندش سبب ان جي ڪمانڊ ايريا ۾ فصلن کي نقصان پهتو آهي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران سينيٽ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ واري مرحلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ رڳو روهڙي ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا ۾ آهي، جنهن جو مک ڪارڻ ان جي بندش آهي جيڪا نيب جيڪري ڪئي وئي.

ميڊيا سان ڳاهائيندي مراد علي شاهه چيو ته، سينيٽ ۾ سنڌ جي خالي ٿيل سمورين سيٽن تي اسان پنهنجا اميدوار بيهارينداسين ۽ اساان کي ڪاميابي جي اميد آهي.هن اها به دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي ڪرپشن خلاف آهي. نيب کان اڳ به خدشا هئا ۽ هاڻي به آهن. هن چيو ته جتي ڪرپشن ٿي رهي آهي اتي ڀلي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته روهڙي ڪئنال جي بندش سان فصلن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي، ڪرپشن جي آڙ ۾ ترقياتي ڪمن کي نه روڪڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته چاهيون ٿا ته ٻئي ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي ملي وڃن جيئن ماڻهن جا ڪم ٿي سگهن. هن چيو ته پي ايس ايل لاءِ سڪيورٽي فراهم ڪنداسين، ڪوشش آهي ته پي ايس ايل جي سٺي ميچ ڏسڻ لاءِ ملي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *