Friday , March 29 2024

پيپلزپارٽي حڪومت جو دفاع يا تاريخ تي حملو _ عبدالخالق جوڻيجو

khaliq jonejo

ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت واري پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي (موجوده ) پاڪستان جي هڪ اهم ۽ ڪافي ڳالهين ۾ انفراديت رکندڙ پارٽي هئي جيڪا مثبت ۽ منفي چڳين ۽ خراب لاڙن جو مجموعو هئي ـ خود ذوالفقار ڀٽو به هڪ دانشور سياستدان ۽ عالمي سياست ۽ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ ليڊر هئوـ ڪنهن حد تائين انهن خاصيتن جو اولڙو بي نظير ڀٽو صاحبه واري پارٽيءَ ۾ هئو، تنهن ڪري اها پارٽي نه رڳو ان وقت پر پوءِ به مختلف موقعن تي مختلف حوالن کان گفتگو ۽ بحث جو موضوع رهندي پئي اچي مان به انهن ليڊرن ۽ اننهن جي قيادت ۾ هلندڙ پارٽيءَ بابت لکندو رهيو آهيان ان جي ڀيٽ ۾ موجوده پيپلزپارٽي تي مون ،نه، جي برابر لکيو آهي ان جا سبب هي آهن ته ان پارٽيءَ جون خاصيتون هڪ پاسايون آهن جن بابت روزانو سوين مانهون لکندا ۽ هزارين لکين ڳالهائينداٿا رهن ان ۾ ڪا نه انفراديت ڪانهي اها ائين آهي جيئن ڪا به اقتداري پارٽي خاص ڪري ان جي ايوب خان واري ڪنوينشن مسلم ليگ سان گهڻي مشابهت آهي جنهن ۾ سنڌ جا سمورا وڏيرا ۽ اقتداري سياستدان شامل هئا ڀلي هڪ ضلعي اندر اهي هڪ ٻئي لاءِ چانڊيا مگسي هجن پر ليڊر سڀني جو ايوب خان هئو ـ

اڄ هن مضمون لکڻ تي مونکي منهنجي وڪيل دوست بئريسٽر ضمري گهمري جي ليک “پيپلز پارٽي مٿان خراب حڪمرانيءَ واري تنيقد ڇو“ مجبور ڪيو آهي ليک جي عنوان ۾ پڇيل سوال جو جواب ٻيو ڪير ڏئي نه ڏئي هڪ دوست جي حيثيت ۾ مان اها پنهنجي ذميواري ٿو سمجهان ـ

هڪ آزاد فرد جي حيثيت ۾ گهمري صاحب کي اهو حق ۽ اختيار آهي ته هو پنهنجي وفاداري ڪنهن سان به رکي ۽ اها وفاداري نڀائڻ لاءِ پنهنجي سمورين صلاحيتن ۽ قوتن کي استعمال ڪري پر کيس اهو اهو ته حق آهي نه اختيار ته هو تاريخ سان هٿ چراند ڪري ۽ ان کي ٽوڙي مروڙي پنهنجي خواهش مطابق ۽ وفاداريءَ جي ضرورت مطابق پيش ڪري ، اتي مونکي سنڌ جي هڪ يگاني ليکڪ علي احمد بروهيءَ جو گفتو ياد ٿو اچي 1980 واري ڏهاڪي ۾ جنرل ضيا جي دور ۾ پنهنجي هڪڙي ڪالم ۾ هن لکيو ته مون کي سچل سرمست جي ميلي جي دعوت ملي، ڪمزور صحت سبب مان لڏندو لمندو دير سان پهتس ، پنڊال ۾ داخل ٿيڻ وقت سنڌ جو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه تقرير ڪندي چئي رهيوهئو ته ،سچل ستن ٻولين ۾ شاعري ان ڪري ڪئي جو هن کي خبر هئي ته هن خطي ۾ پاڪستان ٺهندو ، مون پنهنجي تقرير ۾ چيو ته“شاهه صاحب ڀوڳ ڪرڻ چڱي ڳالهه آ ، ڀوڳ اسان به ڪندا آهيون پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙا ڀوڳ نه ٿيڻ کپن “

پنهنجي اڌ صفحي جي مضمون ۾ بئريسٽر صاحب ايتريون غلطيون، غلط بيانيون ۽ غلط تشريحون ڪيون آهن جو انهن سڀني جي وضاحت ۽ درستگي ءَ لاءِ سڄو صفحو درڪار هوندو جنهن جو نه مون وٽ لکڻ لاءِ ۽ پڙهندڙن وٽ پڙهڻ لاءِ وقت آهي ۽ نه ئي ڇاپڻ وارن وٽ ايتري جاءِ ، ان ڪري ڪجهه مکيه ڳالهين جو ذڪر ڪريون ٿا.

shaheed Allah bux

سڄي مضمون جو تت اهو آهي ته پيپزپارٽي سنڌين جي جماعت آهي ، سنڌين جي اقتدار اعلي جو تحفظ ان جو اصلي ۽ بنيادي مقصد آهي ۽ هڪ صديءَ کان وٺي اها سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي ٿي اچي ـ پهرين ڳالهه ته 1930 جي ڏهاڪي ۾ ٺهيل سنڌ پيپلزپارٽي ۽ پوءِ جي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ ڪو تعلق ڪو تسلسل ۽ ڪا هڪجهڙائي ڪانهي ـ پاڪستان پيپلزپارٽي سڀني کي خبر آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي ٺاهي هئي اهو ئي ان جي سڃاڻپ هئو (۽آهي) ۽ اهو ئي ان جا سمورا فيصلا ڪندو هئو، پيپلزپارٽي ۽ ڀٽو خاندان هم معني بڻجي وياآهن ايتري تائين ته ڪنهن به ذات جي فرد کي ان پارٽي جي قيادت ڪرڻي آهي ته اهو پاڻ کي ڀٽو سڏرائڻ ضروري ٿو سمجهي، ان پارٽي جا سمورا فيصلا ان جو ليڊر ڪندو/ڪندي آهي، تعلقي کان وٺي صوبي ۽ مرڪز تائين سمورن عهديدارن جي مقرري ۽ معياد سربراه جي پسند ۽ مرضيءَ جا محتاج هوندا آهن ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ پيپلزپارٽي ۽ جي ايم سيد ۽ ٻين ليڊرن جي گڏيل صلاح سان ٺهي هئي ۽ گڏيل فيصلي تحت سر شاهنواز ڀٽي کي ان جو ليڊر مقرر ڪيو ويو هئو، اها ڪا شاهنواز ڀٽي جي پارٽي ڪانه هئي ، جيئن جناب ضمير گهمري تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

ٻي ڳالهه ته سر شاهنواز ڀٽي جي قيادت واري سنڌ پيپلزپارٽي مشڪل سان ٻه سال هلي سگهي هئي ۽ پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي هٿان اليڪشن ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ شاهنواز صاحب ته سنڌ ڇڏي هليو ويو ان کان پوءِ 30 سالن کان پوءِ 1967 ۾ ذوالفقار ڀٽي صاحب پيپلزپارٽي ٺاهي ته پوءِ ڪيئن ان پارٽيءَ هڪ صديءَ تائين سنڌ لاءِ جدوجهد ڪئي ؟ ان کان علاوه سنڌ پيپلزپارٽي پنهنجي نالي، پنهنجي پروگرام ، پنهنجي دائري، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي جدوجهد جي لحاظ کان سنڌ ئي سنڌ هئي جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ته پري جي ڳالهه آهي ان جي بنيادي منشور ۾۽ 9 دفعا جاري ڪيل اليڪشني منشور ۾ رڳو سنڌ جي ڪنهن حق جو ذڪر ٿيل بئريسٽر گهمرو اسانکي ڏيکاري ـ 1937 ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت جي بحالي به پيپلزپارٽي خاص ڪري شاهنواز ڀٽي جي کاتي ۾ وڌي وئي آهي ، حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي خاتمي کان پوءِ 1936 ۾ سنڌ اتحاد پارٽي ٺهي جيڪا 1937 وارين چونڊن ۾ سڀ کان وڏي پارٽي طور ڪامياب ٿي پر ان جي ڊپٽي ليڊر طور سر شاهنواز ڀٽو شڪست کائي ويو اهو احوال مضمون مان گم آهي.

Bhutto with Yahya and Ghulam Ishaq

گهمري صاحب سنڌ جي محڪوميءَ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ زور ون يونٽ تي ڏنو آهي ۽ اٽڪل ويهارو ڀيرا اهو اصطلاح ( Term) استعمال ڪيو اٿس ، هڪ هنڌ لکي ٿو “ پيپلزپارٽي 1915 کان سنڌ تي مڙهيل ون يونٽ خلاف هڪ صدي جدوجهد ڪئي آهي “ خبر ناهي ايڏي تاريخي، ڊگهي ۽ شاندار جدوجهد هيڏي ڄاڻو ماڻهو کي اڳ ۾ ڪڏهن ڇو ڪو نه نظر آئي ـ ٻئي هنڌ لکي ٿو ؛ “ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ پاڻ چونديون رهيون آهن ته جڏهن ملڪ ۾ مارشلا لڳندي آهي ته اها وحداني طرز ِ حڪومت قائم ڪندي آهي ۽ وفاق ختم ٿي ويندو آهي جنهنجو مطلب آهي ملڪ تي ون يونٽ لاڳو هوندو آهي ـ جنرل ضيا ۽ مشرف جي مارشل لا ئن ملڪ تي ون يونٽ قائم ڪيو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي 1932 کان پنهنجي تاريخ ورجائيندي هنن ٻنهي ون يونٽن خلاف زبردست جدوجهد ڪئي “ هاڻي ان سان ته ڪو اختلاف ڪونهي ته مارشلا عملي طور ( De-facto) ون يونٽ هوندو آهي پر 1955 وارو ته عملي ( Defacto ) ۽ قانوني (Dejure) ٻنهي طريقن سان ون يونٽ هئو، ۽ وري 1958 ۾ جنرل ايوب خان جي مارشلا جي شڪل ۾ بقول ضمير صاحب جي ڊبل عملي ون يونٽ وڙهيو ويو تمام گهڻن سياسي تجزيه ڪارن جي راءِ آهي ته ايوب خان واري مارشلا لڳڻ جو مکيه سبب هو ئي ون يونٽ کي بچائڻ ڇاڪاڻ ته ون يونٽ جي پويان محرڪ قوت ايوب خان هئو ۽ ( سائين جي ايم سيد ۽ ٻين جي ڪوشش سان) خود ون يونٽ (مغربي پاڪستان) اسيمبلي ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪري چڪي هئي پوءِ ڇا ٿيو ؟ پوءِ اهو ٿيو ته جنرل ايوب خان جي مارشلا هيٺ ڊبل ون يونٽ واري حڪومت ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو وزير ٿي ويو نه رڳو ايترو پر جيڪي 8 سال ( 66 ـ 1958 ) ڀٽو صاحب وزير رهيو اهي ئي 8 سال ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جو سرواڻ سائين جي ايم سيد جيل ۾ رهيو ـ ان ڳالهه کان به بئريسٽر صاحب ضرور واقف هوندو ته ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ان جي خلاف تحريڪ جي تياريءَ لاءِ هڪ گڏجاڻي حيدر منزل تي ٿي جنهن ۾ تحريڪ جا تفصيل طئي ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ذوالفقار علي ڀٽي کي مقرر ڪيو ويو ـ اسڪندر مرزا حڪومت پاران پيغام اچڻ تي هن صاحب ٻن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي استعفي حيدر منزل ڏياري موڪلي.

shahnawaz bhutto

هڪ ٻيو سياسي اصطلاح جيڪو گهمري صاحب وري وري استعمال ڪيو آهي سو آهي “سنڌين جو اقتدارِ اعلي “ ۽ سندس چوڻ مطابق ته اهو پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ بحال ٿيو آهي پوليٽيڪل سائنس جي هر شاگرد کي ڄاڻ آهي ته اقتدار اعلي جو اصل لفظ ( SOVEREIGNTY) آهي جيڪو سڄي دنيا جي سياسي ۽ گفتگو ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ Sovereign جي معني آهي سڀ کان مٿاهون يا اهو جنهن جو فيصلو حتمي هجي ، هاڻي ڪو به باشعور ماڻهو چئي سگهندو ته سنڌين کي اقتدارِ اعلي حاصل آهي ؟ ۽ ٻين کي ڇڏيو گذريل ڏينهن مان 8 سال وزير اعلي رهندڙ قائم علي شاه جا بيان ريڪارڊ تي آهن ته “ اسان کي هر ننڍي وڏي ڳالهه لاءِ اسلام آباد جي آڏو هٿ ڦهلائڻو ٿو پوي “ يا اهو ته “ امن امان جي ميٽنگ لاءِ مان رينجرز جي ڊي جي کي سڏايان ٿو پوءِ ان جي مرضي آهي اچي ٿو يا نه مان ڇا ٿو ڪري سگهان “ وري ان جي جاءِ تي جيڪو ،طاقتور، وزير اعلي آيو ان جي اقتدار اعلي “ کي هڪ ضلعي سطح جي پوليس آفيسر کلئي عام اعلانيه طور چئيليج ڪيو ۽ اهو آفيسر کٽي ويو ان سلسلي ۾ لکيو ويو آهي ته “ سنڌ تي 1972 جي عبوري آئين هيٺ سنڌي گورنر ۽ وڏي وزير جي صورت ۾ پهرين حڪومت قائم ٿي ………. اها پهرين خودمختيار حڪومت هئي “ شايد گهمري صاحب جي نظر ۾ اها پهرين خودمختيار حڪومت ان ڪري هئي ته ان ۾ وزير اعلي سان گڏ گورنر به سنڌي هئو نه ته هونءَ بمبئي کان جدائي بعد غلام حسين هدايت الله، الله بخش سومرو ۽ ٻيا حڪومتي سردار سڀ سنڌي هئا ـ انهن جي حيثيت ته وزيراعظم واري هوندي هئي پر جيڪڏهن گورنر به سنڌي هئڻ لازمي آهي ته پوءِ پاڪستان جي قيام کان پوءِ ٺهندڙ حڪومت جو ته گورنر ۽ وزيراعلي ٻئي سنڌي هئا ، يا 1973 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين (محمود هارون کي ڇڏي) سمورا گورنر غير سنڌي آهن ته پوءِ انهن حڪومتن کي ڇا چئبو؟. باقي 1972 واري حڪومت جي خود مختياريءَ جو عالم ته اهو هئو ته 80 سيڪڙو ميمبرن جي اڪثريت سان پاس ڪيل ٻولي بل کي اسلام آباد مان آرڊينيس ذريعي رد ڪيو ويو.

جناب ضمير گهمرو وڌيڪ لکي ٿو ته “ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ايوبي آمريت خلاف ڀٽي صاحب جي مزاحمت سنڌ کان ون يونٽ جو ڳٽ لاٿو.

“ گهمرا صاحب صفا ائين تاريخ جي ڪتابن تي مس جا دٻا ته نه هاريو . ون يونٽ خلاف مزاحمت ڀٽي صاحب ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪئي؟ ـ 1955 کان 1969 تائين 14 سال هلندڙ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ ڪو هڪڙو واقعو، هڪڙو بيان، هڪڙي تقريرته ڀٽي صاحب جي حوالي سان ڏيکاريو ـ صورتحال اها هئي ته جڏهن واضع ٿي ويو ته جنرل يحي جي حڪومت ٻين آئيني اصلاحات سان گڏ ون يونٽ ختم ڪرڻ واري آهي ته ون يونٽ جي حامي سياستدانن به ان جي خاتمي جي گهر وارا بيان ڏيڻ شروع ڪيا ـ انهن ۾ به جناب ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان سڀني کان آخر ۾ (صرف 48 ڪلاڪ اڳ ۾) آيو. ايتري تائين جو ون يونٽ ٺاهيندڙ ميان ممتاز دولتانه کان به پوءِ اصل مسئلي يعني پيپلزپارٽي جي خراب حڪمرانيءَ تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيڻ وقت شايد گهمري صاحب کي تنقيد ۾ ايترو وزن نظر آيو يا وري پيپلزپارٽيءَ جو ريڪارڊ ايترو خراب نظر آيو جو ان جو سڌي ريت دفاع ڪرڻ بجاءِ هن جواز ڳولهن شروع ڪيا ته ڇو پ پ حڪومت کان ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ پختون خواه جي حڪمراني بهتر آهي ـ مثال طور لکي ٿو ته “ 1942 کان پوءِ ته وفاقي سرڪار مسلسل پنجاب جي فوج ۽ بيوروڪريسيءَ تي مشتتمل رهي جنهنڪري پنجاب ۾ رياستڪاريءَ جو فن پروان چڙهيو“ هتي سوال ٿو اٿي ته ڇا پارٽيءَ جي باني ذوالفقار علي ڀٽي ڪڏهن اها ڳالهه چئي ؟ يا ان کي تاريخ جو ايترو علم ڪونه هئو جيترو ضمير گهمري کي آهي ؟ يا ڀلا موجوده حڪومت جنهنجي وڪالت وڪيل صاحب ڪري رهيو آهي سا اها ڳالهه مڃڻ ۽ چوڻ لاءِ تيار آهي ته وفاقي سرڪار مسلسل پنجاب جي فوج ۽ بيوروڪريسي تي مشتمل رهي ؟ ڪن شاه کان وڌيڪ وفاداريءَ واري صورتحال آهي جيڪڏهن 1942 کان پوءِ وفاقي سرڪار مسلسل پنجاب جي فوج ۽ بيوروڪريسي تي مشتمل رهي آهي ته پوءِ 1972 کان 1977 واري ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي گهمري صاحب ڪهڙي کاتي ۾ رکندو جنهنجي مرڪز ۾ به حڪومت هئي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ به ـ پنهنجي اهڙي دليل سان ته بئريسٽر صاحب جي ايم سيد جي سياست کي صحيح ۽ ڀٽي جي سياست کي غلط ثابت ٿو ڪري ـ حقيقت اها آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻندي ڪندي غلط مقصد ( CAUSE ( جي وڪالت ڪندو آه ته ان جو نتيجو اهڙو ئي ٿيندو آ خيبرپختونخواه ۾ سنڌ کان بهتر حڪمرانيءَ جو جواز ڏيندي لکيو ويو آهي “ ون يونٽ دوران به اولهه پاڪستان جو وڏو وزير ڪي پي ڪي جو خان صاحب هئو جنهن جي نتيجي ۾ ڪي پي ڪي ۾ بيوروڪريسي، پوليس، تعليمي ادارا ۽ رياستڪاريءَ جو فن مظبوط رهيو “ ـ هاڻي جيڪڏهن ٻه سال صوبائي وزير اعلي ڪرڻ سان صورتحال ايتري بهتر ٿي ٿئي جو ان جا اثر 60 سالن تائين ٿا هلن ته پوءِ پيپلزپارٽي ته سنڌ ۾ 5 ڀيرا حڪومت ڪئي آهي جنهن جو ڪل عرصو اٽڪل ويهه سال ٿئي ٿو ـ ان چار دفعا ته مرڪز ۾ سندن ئي حڪومت رهي آهي ـ ان جي باوجود حڪمراني نه سڌري آهي ته پوءِ ان مان ته اها ئي ڳالهه ثابت ٿي ٿئي جنهن کي رد ڏيڻ خاطر جناب ضمير گهمري ايتري جاکوڙ ڪئي آهي ؛ يعني ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت نا اهل آهي.

آخر ۾ مان پنهنجي وڪيل دوست کان هڪڙو سادو سوال ٿو ڪريان ته توهان جنهن پارٽيءَ کي سنڌين جي اقتدار اعلي جي وا حد محافظ پارٽي ڪري پيش ٿا ڪيو ان پارٽيءَ جي اڳواڻ ( بشمول ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو) ڪڏهن رڳو ايترو چيو آهي ته اها سنڌين جي پارٽي آهي ـ يا رڳو انهن سنڌين جي علحده تاريخي وجود کي تسيلم ڪيو آهي ؟ بهرحال مان سمجهان ٿو ته بئريسٽر ضمير گهمري جيڪي ڪجهه لکيو آهي سو سوچي سمجهي لکيو هوندائين ۽ هڪ پڙهيل ڪڙهيل ذميوار ماڻهو جي حيثيت ۾ بعد ۾ به انهي موقف تي قائم رهندو ۽ بحث ٿيندا رهندا ـ بحث مباحثا سماج جي ترقي لاءِ ضروري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *