Saturday , April 20 2024

پيپلزپارٽي جي حڪومت کي 2000 هزار ارب رپين جو حساب ڏيڻو پوندو: پيرپاڳارو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پيرپاڳاري چيو آهي ته، سنڌ حڪومت جي نااهلي سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي، عام ماڻهو کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا ناهي، پ پ حڪومت کي 2000 ارب رپين جو حساب ڏيڻو پوندو. ڪنگري هائوس تي جي ڊي اي جي اجلاس ۾ ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو، اجلاس دوران ڳالهائيندي پيرپاڳاري چيو ته، سنڌ حڪومت کي سنڌ جي عوام جي ٽئڪس مان مليل 2000 ارب رپين جو ليکو ڏيڻو ئي پوندو. حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ بدحالي کانسواءِ هن حڪومت ڪجهه به ناهي ڏنو. پير پاڳاري جي صدارت هيٺ جي ڊي اي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي حوالي سان هالا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ اجلاس ڪيا ويندا. اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي صدر الدين شاهه راشدي چيو ته جي ڊي آءِ طرفان مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اُن سلسلي ۾ ايندڙ اجلاس هالا ۾ ٿيندو. هُن چيو ته وفاقي سرڪار سمورن صوبن کي هڪ نظر سان ڏسي، پر سنڌ سرڪار ٻڌائي ته 2 هزار ارب رُپيا مليا هئا، اُهي ڪيڏانهن ويا. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ حڪومت ٻڌائي ته اڃا تائين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ڇو مقرر نه ڪيو آهي؟ صوبائي اين ايف سي جو اجلاس ڇو ناهي ٿيو؟ ڊاڪٽرز جي هڙتال دوران فوت ٿيل مريضن جو حساب ڪير ڏيندو؟ سموري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سنڌ ۾ ٿي رهي آهي. بدين، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو الهيار ته تباهه ٿي چڪا آهن، پهرين ڪمند ۽ هاڻ ڪڻڪ جا اگهه نه ڏئي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. 20 مارچ تي سمورن ٽڪيٽ هولڊرز جو اجلاس ٿيندو ۽ 11 اپريل تي ٻيو اجلاس لاڙڪاڻي ۾ صفدر عباسي جي گهر تي ٿيندو. اجلاس ۾ ارشاد رانجهاڻي، رمشا وساڻ ۽ گونگي ناري شيرين بروهيءَ جي قتل جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته وفاق کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ڏينهن سنڌ کي پئسا ملندا ته ڏانئڻ کائي ويندي. وزيراعظم جلد سنڌ جي دوري تي ايندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *