Thursday , March 28 2024

پيٽروليم وارو وزير غلام سرور خان مئٽرڪ پاس نڪتو

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پي ٽي آء جو اهم اڳواڻ ۽ وزيراعظ۾ عمران خان جو ويجهو ساٿي، غلام سرور خان مئٽرڪ پاس نڪتو آهي، اهڙُ انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن سندس علائقي  جي هڪ رهواسي سپريم ڪورٽ ۾ سندس نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪئي. پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور خان جي ميٽرڪ پاس هجڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ تي سندس ئي تڪ اين اي 59 جي هڪ شهري وفاقي وزير خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته غلام سرور 2002 جي چونڊن ۾ ميٽرڪ پاس هو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي گريجوئيشن جي شرط تي پورو نٿو لهي. درخوساتگذار ٻڌايو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪنهن ٻئي غلام سرور نالي شخص جي ٽيڪنيڪل بورڊ جي ڊگري تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن چيو ته جڏهن 2002ع ۾ سندس تعليمي ڊگري کي چيلينج ڪيو ويو ته هن اهائي ڊگري جسٽس تصديق جيلاني جي سامهون پيش ڪئي هئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي حڪومت هئي ۽ غلام سرور خان هن حڪومت جو حصو هئو جنهن جي ڪري هن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو ۽ ڪيس دٻائي رکيو. درخواست ۾ ٻڌايو ويو ته اوچتو فيصل آباد جو رهواسي اصل سرور خان ولد عبدالحميد خان سامهون اچي ويو آهي ۽ هن دعويٰ ڪئي ته هي ڊپلوما هن جي آهي، جنهن جي جواب ۾ غلام سرور خان راولپنڊي بورڊ کان حاصل هڪ ڊپلوما جمع ڪرايو جڏهن ته اسلاميه ڪاليج جي سندس ڊگري رد ڪئي وئي هئي. درخواست گذار عدالت کي اپيل ڪئي ته پنهنجي ڪاغذن جي نامزدگي ۽ حلف نامي ۾ ڪوڙا دستاويز ڏيڻ تي غلام سرور خان صادق ۽ امين ناهي رهيو کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *