Thursday , April 25 2024

پيرمظهر،اڪرام ڌاريجو،ستار بچاڻي ۽ اسد الله ڀٽو سميت 100 اميدوار قرضي نڪتا

ڪراچي/اسلام آباد ( رپورٽرز    سنڌسماءَچار) قومي ۽ صوبائي تڪن تي چونڊ وڙهندڙ هڪ سئو کان وڌيڪ اميدوار ڊفالٽر نڪتا، پ پ جا پير مظهر الحق، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، حنا رباني کر، فيصل ڪريم ڪنڊي، عبدالقادر گيلاني ۽ امجد الله خان شامل، پي ٽي آءِ جا فيصل واوڊا، الماس خاڪواڻي، مراد سعيد ۽ عليم خان به شامل، جماعت اسلامي جو اسدالله ڀٽو، فريد پراچا، سميعا راحيل قاضي۽ جي ڊي اي جو عرفان الله مروت به شامل، نون ليگ جا راڻا تنوير، راڻا مشهود، ظفر علي شاهه ۽ حنيف عباسي به ڊفالٽر نڪتا. اسٽيٽ بينڪ چونڊ وڙهندڙ هڪ سئو کان وڌيڪ ڊفالٽر اميدوارن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته لسٽ ۾ شامل اميدوارن بينڪس جا قرض معاف ڪرايا آهن ۽ انهن مان ڪيترائي مختلف ادارن جا باقيدار آهن. اسٽيٽ بينڪ قرض معاف ڪرائيندڙن ۽ باقيدارن جي لسٽ اليڪشن ڪميش کي موڪلي ڇڏي. چونڊ وڙهندڙ 100 کان وڌيڪ اميدوار ڊفالٽرن جا تفصيل سامهون اچي ويا. باقيدارن ۾ ن ليگ، پ پ، پي ٽي آئي ،جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي جا اميدوار شامل آهن. باقيدارن ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي، عبدالقادر گيلاني، ستار بچاڻي، ذوالفقار بچاڻي، منظور وٽو ۽ امجد الله خان شامل آهن.

باقيدارن ۾ الماس خاڪواڻي، مراد سعيد ، عليم خان،انعام الله نيازي  ۽ ڳائڻو جواد احمد باقيدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ايم ايم اي جا مولانا اسدالله ڀٽو، فريد پراچا، سميعا راحيل قاضي، اڳوڻي صدر غلام اسحاق جو ناٺي عرفان الله مروت به  باقيدارن ۾ شامل آهي. جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ راڻا تنوير، راڻا مشهود، ظفر علي شاهه، سلمان بٽ، عظميٰ بخاري، مير ظفر الله جمالي ۽ حنيف عباسي به ڊفالٽر نڪتا. باقيدارن ۾ حنا رباني کر، اسد حسن خان، امانت الله، هارون احسان،هارون بلور، مس الماس خاڪواڻي، فيصل واوڊا به باقيدارن ۾ شامل آهن. باقيدارن ۾ پير مظهر، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، امجد الله خان  جا نالا به سامهون اچي ويا. مراد سعيد، فيصل ڪريم ڪنڊي، منظور وٽو، سيد ظفر علي شاهه، راڻا مشهود ۽ حنيف عباسي به باقيدارن ۾ شامل آهن. علي خان، نرگس فيض، بلال ياسين حافظ سلمان بٽ، عظميٰ بخاري ،فريد پراچا، ضياءَ الله آفريدي، چوڌري، ظهير الدين، انعام الله نيازي، راڻا تنوير، راڻا افضل ،مير ظفر الله جمالي، ياسمين راشد، منيزه حسن، اعجاز چوڌري، مخدوم سميع الحسن گيلاني ۽ ساجد عباسي به باقيدارن ۾ شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *