Friday , March 29 2024

پيراڊائيز ليڪس: ميان منشا، هاشواڻي ۽ حسين دائود سميت 31پاڪستانين خلاف جاچ شروع

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيراڊائيز ليڪس ۾ آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيڻ تي اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز سميت 31 پاڪستانين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان سمورن ادارن کان ڪمپنين، بئنڪ اڪائونٽن پاڪستان ۾ منقوله ۽ غير منقوله ملڪيتن ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سندن سيڙپڪاري جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، سيڪيورٽيز ۽ اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پرڏيهه ۾ آف شور ڪمپنيون رکندڙ 13 پاڪستانين جي پاڪستان ۾ قائم 86 ڪمپنين جو پتو لڳائي ورتو آهي، ڪمپنين بابت لسٽ ڪارروائي لاءِ ايف بي آر ڏانهن اماڻي وئي آهي، ڊسمبر ۾ سمورن ادارن کان معلومات گڏ ٿيڻ کانپوءِ ڪارروائي شروع ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ان لينڊ روينيو انٽيليجنس ملڪ جي مختلف ادارن کي 13 نالن تي ٻڌل لسٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، ميان محمد منشا، صدر الدين هاشواڻي، علاؤالدين فيراستا، نور الدين فيراستا، ظهير الدين، حسين دائود، شهريار چشتي، اياز خان نيازي، محمد علي خان نيازي، حسين خان نيازي، عبدالرزاق خان نيازي ۽ عبدالرحمان شامل آهن، ايف بي آر وڌيڪ 18 اهڙن ماڻهن جن جا نالا پيراڊائيز ليڪس ۾ شامل آهن، انهن جي نئين لسٽ قومي ادارن ڏانهن اماڻي تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *