Friday , March 29 2024

پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ رات جو به عدالت لڳائڻي پئي ته لڳائينداسين،سنڌ حڪومت خلاف توهين عدالت جو آپشن به آهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار)سنڌ حڪومت تي واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته توهين عدالت جو آپشن به موجود آهي، سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻو آهي، ان لاءِ جيڪڏهن رات جو به عدالت لڳائڻي پئي ته لڳائينداسين، عوام جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آئيني ذميواري آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان نثار پيئڻ جي صاف پاڻي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته، لاهور جي ميئو اسپتال جو دورو ڪيو ته سوال اٿاريا ويا، جنهن کي به تنقيد ڪرڻي آهي ڀلي ڪري، اسان کي ليڊري ڪرڻ جو شوق نه آهي، رات ٻارهين وڳي به عدالت لڳائڻي پئي ته لڳائينداسين پر ڪم اڌ ۾ نه ڇڏينداسين، چيف جسٽس سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۽ انهن سان واڳيل اسپتالن جي صورتحال بابت به هيلٿ سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته کيس پنجاب ۾ چيو ويو ته ڪراچي جو ڪجهه ناهي ٿيڻو، ڪهڙي شئيءِ تي هٿ وڌو آهي، اهو مسئلو حل نه ٿيندو پر هو مسئلي جي حل لاءِ رات ٻارهين وڳي تائين ويهي به عدالت لڳائيندا ۽ ڪم پورو ڪرائيندا.

چيف جسٽس چيو ته لاهور جي ميئو اسپتال جو دورو ڪيو ته سوال اٿاريا ويا، جنهن کي به تنقيد ڪرڻي آهي ڀلي ڪري، اسان کي ليڊري ڪرڻ جو شوق نه آهي. ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ سنڌ جي اسپتالن جي صورتحال ٻڌائيندي روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ چيو ته اسپتالن جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي. چيف جسٽس سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۽ انهن سان واڳيل اسپتالن جي صورتحال بابت هيلٿ سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ جي اسپتالن جي حالت اهڙي آهي جو اتي موجود ڊاڪٽرز کي بلڊ پريشر به چيڪ ڪرڻ نٿو اچي. چيف جسٽس چيو ته هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر اسان کي ڪم کپي، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٽائيم فريم ڏيو، اها سهولت دوستن وٽان به نه ملندي هوندي جيڪا اسان ڏينداسين. ميان ثاقب نثار ڊپٽي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزيراعظم تائين پيغام پهچائي ڇڏيو ته وفاقي حڪومت سموريون سهولتون ۽ فنڊ فراهم ڪري، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *