Saturday , April 20 2024

پوليس مٺڙائو ڪئنال ۾ گاڏي ڪرڻ سبب 6 گهر ڀاتين جي فوت ٿيڻ وار کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو

سانگهڙ ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) گذريل آچر ڏينهن مٺڙائو ڪينال ۾ گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 6 گهر ڀاتين جي ٻڏي فوت ٿيڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي. سانگهڙ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گاڏي مان هڪ خط مليو آهي، جنهن ۾ ديهانت ڪري ڪري ويل ڪيلاش جي خط ۾ لکيل آحي ته هُو گهر ڀاتين سميت آپگهات ڪرڻ وڃي رهيو آهي. سانگهڙ پوليس ڪيلاش جو خط به منظر عام تي ناهي آندو. سانگهڙ پوليس پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته، آچر واري ڏينهن مٺڙائو ڪئنال ۾ ڪلٽي ٿيل گاڏي سبب هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ٻارڙن سميت 6 گهر ڀاتي ٻڏي فوت ٿي ويا هئا. پوليس موجب گاڏي صحت کاتي جي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي هئي ۽ فوتي ڪيلاش صحت کاتي جو ملازم هو. گاڏي مان ڪيلاش جو لکيل خط مليو آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيلاش جي مليل خط ۾ لکيل آهي ته، هُو گرڀاتين سميت آپگهات ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ميڊيا جي نمائندن پاران پوليس کي ڪيلاش جو اهڙو خط ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو ته، پوليس خط ڏيکارڻ کان  انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته اڃا معاملي جي جاچ ڪيون پيا، انڪري جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ خط ظاهر نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته ان سان جاچ متاثر ٿي سگهي ٿي.

ٻي طرف گذريل ڏين ٻڏي ويل هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ٻارڙن سميت 6 ڄڻن جون آخري رسمون سندن اباڻي ڳوٺ حسين بخش راڄڙ ۾ ادا ڪيو ويون. ديهانت ڪري ويلن ۾ صحت کاتي جي ٽي بي پروگرام جو ڊرائيور ڪيلاش اوڏ، سندس زال سلپو، چار ٻارڙا جئي ڪمار، پرديپ، پوجا ۽ رضيا فوت ٿي ويا هئا. جنهن بعد وارثن جي اعتراض باوجود  پوليس زبردستي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرايو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *