Tuesday , March 19 2024

پوليس فرزانا جمالي کي هيسائڻ وارو ڪيس سي ڪلاس قرار ڏئي داخل دفتر ڪري ڇڏيو

نوابشاهه ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) نوابشاهه پوليس شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي کي هيسائڻ واري ڪيس کي سي ڪلاس قرار ڏئي داخل دفتر ڪري ڇڏيو آهي، جاچ آفيسر پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو آهي ته، فريادڻ شاگردياڻي کيس هيسائڻ واري معاملي بابت ڪو به ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن جيڪري ڪيس سي ڪلاس ڪيو ويو آهي. شاگردياڻي فرزانه جمالي کي وي سي ۽ پروفيسر پاران هيسائڻ واري معاملي جو تعلقي ٿاڻي تي پوليس طرفان داخل ڪرايل ڪيس جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر محمد علي ڏهراج سي ڪلاس قرار ڏئي جڊيشل مئجسٽريٽ ٽو صفدر جتوئي جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. جاچ آفيسر رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته، فريادڻ الزامن جا ثبوت مهيا نه ڪري سگهي جنهن ڪري ڪيس سي ڪلاس ڪجي ٿو. پوليس فرزانا جمالي پاران ڏنل درخواست کي ايف آءِ آر ۾ تبديل ڪري پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.

فرزانا جمالي ڪيس:نوابشاهه پوليس بااثر وي سي ۽ پروفيسر جي ونگارو بڻجي وئي؟؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *