Tuesday , April 23 2024

پوليس خودمختيار هجي ته ڪراچي ۾ رينجرز جي ضرورت ئي نه پوندي، چونڊون ڪراچي مان وڙهندس: عمران خان

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي وارو جلسو ڪامياب رهيو، پ پ جي جلسي کان وڌيڪ سندن جلسي ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان اين دڙ چونڊون ڪراچي مان وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو آحي ته، حڪومت ۾ اچي سنڌ پوليس کي مڪمل طور تي خودمختيار ڪري ان کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪيو ويندو، ڪو به پوليس آفيسر مقرر ۽ بدلي ڪرڻ جو اختيار صرف آءِ جي سنڌ کي ڏنو ويندو، پي ٽي آءِ سربراهه ڪراچي لاءِ ماحوليات، پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ سميت 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، ڪراچي ۾ پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ به مافيائون ملوث آهن، شهر کي هٿ وٺي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين بدامني جي باهه ۾ ساڙيو ويو، 12 مئي جو سانحو به ان جي ڪڙي هو.

هن چيو ته پاڪستان جي معاشي حب ۾ پاڻي ناهي جنهن جا ٻه سبب آهن، هڪ ته منصوبابندي ناهي ٿي ۽ ٻيون هتي مافيا ويٺل آهي. عمران خان چيو ته جيستائين پارٽين جا اڳواڻ، وزير مشير ۽ ليڊر شپ آفيسرز خاص طور تي پوليس ۾ ڀرتين کان وٺي مقررين ۽ ڀرتين ۾ ملوث هجي اتي امن امان قائم نه ٿو ٿي سگهي. عمران خان اعلان ڪيو ته حڪومت ۾ اچي سنڌ پوليس کي خودمختيار ڪري ان کي سياسي مداخلت کان آجو ڪيو ويندو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ رينرجز جي مقرري جي ضرورت ئي نه پوندي. هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ جتٿي به ميئر آهن انهن کي سڌي اليڪشن ذريعي چونڊڻ جو نظام لاڳو ڪري اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪيا ويندا. پنهنجو پروگرام پيش ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته، هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ وفاق کان اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيا پر مڪاني ادارن کي اختيار نه ڏنا. شهر ۾ تعليمي نظام کي بهتر ڪندو، سرڪاري تعليمي ادارن جو معيار بهتر بڻائينداسين جيئن غريبن کي ٻارن کي به سٺي تعليم ملي. هن چيو ته هو ڪراچي ۾ عالمي معيار جون يونيورسٽيون تعمير ڪرائيندو.

پي ٽي آءِ جي چيئرمين چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پُءِ ڪراچي ۾ صحت جو نظام به بهتر ڪنداين ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سڌارا آڻينداسين. عمران خان چيو ته ڪي پي ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ سڌارا آندا ويا ۽ انهن کي عالمي معيار واري رستي تي آندو. عمران خان چيو ته ڪراچي سڀ کان وڏو مسئلو امن امان جو آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس عدالت کان مٿانهن قتل ۾ ملوث آهي، هن رائو انوار جو مثال ڏيندي چيو ته بلاول ڀٽو اِهو ٻڌائي ته رائو انوار ڪنهن جي چوڻ تي 440 ماڻهن کي قتل ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ شعور رکن ٿا، ڪراچي اُهو شهر هو جتان جا ماڻهو ناانصافي جي خلاف سڀ کان پهرين بيهندا هئا. جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، سڄي پاڪستان جا ماڻهو هن شهر ۾ رهندا آهن، ڪراچي مٿي ويندو آهي ته پاڪستان به مٿي ويندو آهي. هن چيو ته پوليس جو غير سياسي هئڻ ضروري آهي جيئن رائو انوار جهڙن ماڻهن کي سزا ملي. هن چيو ته بيبي بلاول چوي ٿو ته عمران کي ووٽ نه ڏجو، خيبرپختونخواهه ۾ ڪنهن تي سياسي ڪيس ناهي بڻايو ويو، بلاول پٽ ٿورو پختونخوا ۾ چيڪ ڪر ته ڪيترن مخالفن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ پوليس اسان جي نوڪر ناهي، آزاد پوليس آهي، سياسي مداخلت نه ٿئي ته پوليس بهتر ڪم ڪندي آهي. هن چيو ته رائو انوار ۽ عابد باڪسر جهڙن آفيسر بي شمار ماڻهو قتل ڪيا ۽ حڪمران انهن جي تعريف ڪري رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *