Thursday , April 18 2024

پنجاب پوليس ۾ تبديلي اچي وئي:صوبائي وزير جي پٽ خلاف ڪيس داخل ڪندڙ پوليس اهلڪار لاڪ حوالي

لاهور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ عمران خان جي تبديلي واري نعري جو خيبر پختونخواه کانپوءِ عملي مظاهرپنجاب ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، جتي پوليس ۾ مڪمل تبديلي اچي وئي آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق پنجاب جي هائوسنگ واري وزير ميان محمود الرشيد جي پٽ خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ ٽن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس ڊي آءِ جي جاچ جي حڪم تي اي ايس پي گلبرگ جي جاچ کانپوءِ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ 155 سي ۽ 382 جا قلم لڳايا ويا آهن. ڪيس ۾ پوليس اهلڪار نديم اقبال، عثمان مشتاق ۽ عثمان سعيد کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اهلڪار ڊيوٽي دوران جوڙن کان رقم کسڻ، فوٽيجز ٺاهڻ، جوابدارن جي وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪندا رهيا آهن. پنهنجا مقصد پورا نه ٿيڻ تي انهن تي تشدد ڪندا هئا، رقم وٺندا ملڻ تي کين ڇڏي ڏيندا هئا. جوابدار بڻجھي ويل پوليس اهلڪارن تي الزام لڳايو ويو آهي ته، هنن علي مصطفيٰ ۽ فضا جميل تي تشدد ڪيو ۽ 2 هزار رپيه ڦر ڪيا. جوابدارن واردات کانپوءِ جوڙي کي اي ٽي ايم مان 50 هزار رپيه ڪڍرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، پوليس موجب ٽنهي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *