Thursday , March 28 2024

پشاور ۾ اي اين پي جي جلسي ۾ آپگهاتي ڌماڪو،هارون بلورسيمت 14 ڄڻا شهيد

پشاور( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پشاور جي يڪه توت واري علائقي ۾اي اين پي جي اليڪشن مهم دوران ڪارنر گڏجاڻي ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ اي اين پي جو اميدوار هارون بلور شهيد ٿي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 14 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمين مان به اڪثر جي حالت خراب آهي. پشاور جي  يڪه توت واري علائقي ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ صوبائي تڪ پي ڪي 78 تي عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار هارون بلور شهيد ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت هارون بلور سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ 35 کان وڌيڪ اي اين پي جا ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ليڊي ريڊنگ هاسپيٽل پهچايو ويو. پوليس ۽ اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته، زخمين مان وڌيڪ 9 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويا. اسپتال پهچايل 30 کان وڌيڪ زخمين مان به اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هارون بلور جو والد بشير احمد بلور کي به دهشتگردن ڊسمبر 2012 دوران آڦگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد هارون بلور کي به ڌمڪيون ملنديون رهنديون هيون. اي آءِ جي پشاور شفقت ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڌماڪي جي آپگهاتي هجڻ جي پڪ ڪرائي آهي. ڌماڪي بابت اي اين پي جي مقامي اڳواڻ ۽ ڪارنر گڏجاڻي جي ميزبان ميڊيا کي ٻڌايو ته، هارون بلور جيئن ئي گجاڻي کي خطاب  ڪرڻ لاءِ اسٽيج طرف وڌيو ته، اتي ئي موجود آپگهاتي بمبار سندس ڀر ۾ اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏاري ڇڏيو، جنهن مان لڳي ٿو ته آپگهاتي بمبار گڏجاڻي ۾ پهريان کان موجود هو.

ليڊي ريڊنگ اسپتال هارون بلور جو مڙهه اي اين پي اڳواڻن الياس بلور، ميان افتخار حسين ۽ شهيد جي وارثن جي حوالي ڪيو. وارثن جو چوڻ آهي ته هارون بلور جي جنازي نماز اربع ڏينهن شام جو 5 وڳي ڌاري باغ پشاور ۾ ادا ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *