Friday , April 19 2024

پشاور زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪوٽريٽ تي دهشتگردن جو حملو،9ڄڻا مارجي ويا، 33 کان وڌيڪ زخمي

پشاور ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پشاور زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ تي حملي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويلن مان اڪثر ذخمي حالت ۾ مختلف اسپتالن ڏانهن نيئندي يا اسپتالن ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آهن. جمعي ڏينهن صبح جو سوير 3 کان 5 دهشتگردن حملي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ صحافي سوڌو 33 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد به ماريا ويا ۽ سمورن زخمين کي ٽيچنگ اسپتال ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس پشاور داخل ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج، ايف سي ۽ پوليس ڊائريڪٽوريٽ ۾ سرچنگ ڪري ڪليئر ڪيو ويو. دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيلن ۾ هڪ صحافي ۽ 2 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن.

ڪي پي پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن صبح جو سوير 3 کان 5 ڄڻا هڪ رڪشي ۾ زرعي يونيورسٽي جي ريسرچ ڊائريڪٽوريٽ ۾ داخل ٿيا ۽ ٽنهي ڄڻن کي برقعا پاتل هئا. دهشتگردن عمارت اندر داخل ٿيندي ئي پهريان هوائي فائرنگ ڪئي ۽ ان دوران ئي 3 ڌماڪن جا آواز به ٻڌڻ آيا. ان دوران ئي اطلاع تي ايف سي، پوليس ۽ پاڪ فوج جا جٿا به پهچي ويا، جن فوري طور تي سڄي ڊائريڪٽوريٽ کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. پشاور زرعي يونيورسٽي جي ذريعن جو چوڻ  آهي ته موڪل هجڻ سبب يونيورسٽي ڊائرڪٽوريٽ جي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جو انگ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو شاگرد ۽ ڪجهه رهائشي ڪوراٽرز ۾ فئمليز موجود هيون. ذريعن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته، زخمين جو انگ وڌي سگهي ٿو. ڊان نيوز جي رپورٽس موجب ڊائريڪٽوريٽ ۾ داخل ٿيندڙ 3 کان 5 دهشتگرد داخل ٿيا هئا جن مان 3 ٿڏي تي مارجي ويا. جن وٽ جديد هٿيار ۽ دستي بم ۽ ٻيا هٿيار به هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *