Thursday , March 28 2024

پشاور:پارا چنار ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو،25 مارجي ويا، 80 کان وڌيڪ زخمي، ڌماڪو سبزي منڊي ۾ هڪ پيٽي ۾ ٿيو

پشاور:  پاراچنار جي علائقي پراڻي منڊي عيد گاهه مارڪيٽ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا، 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڌماڪو ڪرم ايجنسي جي پاراچنار جي عيد گاهه مارڪيٽ ۾ واقع سبزي منڊي ۾ ان وقت ٿيو جڏهن وڏي انگ ۾ ماڻهو خريداري ۾ مصروف هئا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي، وڏي انگ ۾ ماڻهن جا لاش وکري ويا، جڏهن ته زخمي تڙپندا رهيا، جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ فوري امدادي ڪارروايون شروع ڪندي 6 ايمبولينسن ۽ ٻن فوجي هيليڪاپٽرن ذريعي زخمين کي ايجنسي هيڊڪوارٽر سول اسپتال  ۽ پشاور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، آرمي چيف جي هدايت تي فوجي هيليڪاپٽرن ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، عيني شاهدن موجب ڌماڪي وقت بازار ۾ وڏي رش هئي، هن ڌماڪي کانپوءِ روڊ تي انساني عضوا وکريل ڏٺا، قيامت جهڙو منظر هو، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويل ماڻهن جي جنازي نماز مقامي امام بارگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، ان کانسواءِ شهر ۾ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ۽ ڪرم ايجنسي ۾ 3 ڏينهن جو سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، پشاور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نذير بٽ سي ايم ايڇ پشاور ۾ پهچي ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي،  ان سلسلي ۾ مقامي ايم اين اي ساجد طوري جو چوڻ هو ته ڌماڪو محمد حسين نالي شخص جي دڪان ۾ ٿيو، هي علائقو 2017ع کان وٺي دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ هو ته ڌماڪيدار مادو نصب ڪيو ويو هو، جنهن کي ڊوائيس ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو، صبح جو 8 لڳي  50 منٽن تي واقعو پيش آيو، ٻئي پاسي پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي عمرخراساني ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي، ڪي ٽي پي مطابق ان اهو ڌماڪو پنهنجي ساٿين آصف ڇوٽو ۽ اسحاق جي مارجڻ واري واقعي جي ردعمل ۾ ڪيو آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ترجمان محمد خراساني خابرو ادارن کي جاري ڪيل اي ميل ۾ چيو آهي ته انهن اهو حملو پنهنجي ساٿين جي پلاند ۾ ڪيو آهي، ان قسم جون وڌيڪ ڪارروايون ڪيون وينديون، ٻئي پاسي  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پارا چنار واقعي جي مذمت ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي،  مقامي انتظاميا کان فوري طور تي جاچ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي گورنر خيبرپختونخوا اقبال ظفر جهڳڙا ڌماڪي جي مذمت ڪندي مقامي انتظاميا کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، گورنر چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي، ان کانسواءِ وزيراعظم نوازشريف، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين پڻ واقعي جي مذمت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *