Saturday , April 20 2024

پسند جا پرڻا ڪندڙ جوڙا پراسرار نموني گم ٿيڻ لڳا، پوليس خاموش تماشائي

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پسند جا پرڻا ڪندڙ جوڙن جي پراسرار نموني گم ٿيڻ جا واقعا وڌڻ لڳا آهن، ميرپورخاص جي ناري سان پسند جو پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي واسي نوجوان زال سوڌو اوچتو پراسرار نموني گم هٿي ويو آهي، ٻه ڏينهن اڳ خيرپور جي پير جوڳوٺ واري علائقي مان گم ٿيل جوڙي جو به ڏس پتو نه پئي سگهيو آهي. ڏهرڪي جي ڳوٺ راجن پور جي رهواسي پورهيت عبيد الله مهر ڏهرڪي ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته، سندس ڀاءُ صبغت الله مهر 3 مهينا اڳ ميرپور خاص جي ناري شاهين کوسو سان پنجاب جي شهر صادق آباد جي سول ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي. هن چيو ته، ناري جي پيءُ ابراهيم کوسو ۽ ڀاءُ غلام حسين کوسو گهر آيا هئا. هن چيو تهن، ناري جي والد ڳوٺ جي چڱن مڙسن جي سامهون اسان کي اسٽام پيپر تي لکي ڏنو ته هنن جي پسند جي شادي تي کين ڪوبه اعتراض نه آهي. نوجوان ٻڌايو ته، ابراهيم کوسو منهنجي ڀاءُ ۽ منهنجي ڀاڄائي کي ملڻ جي بهاني پاڻ وٽ گهرايو هنو، جنهن جي دعوت تي اُهي وٽس ويا هئا، پر ان بعد انهن جو ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. سندس ڀاءُ جو فون به مسلسل بند ملي رهيو آهي، هن شڪ ڏيکاريو ته سندس ڀاڄائي جي والد ابراهيم کوسو ٻنهي کي گم ڪري ڇڏيو آحي يا وري ٻنهي کي قتل ڪيو ويو آهي. هن اهو به ٻڌايو ته اسان جي پڇا ڪرڻ تي ابراهيم کوسو ۽ غلام حسين کوسو اهو چئي ڌمڪائي رهيا آهن ته هي ٻئي ڪارو ڪاري آهن، کين ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪنداسين، عبدالله مهر اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي بازياب ڪرايو وڃي.

پير جو ڳوٺ مان پوليس پاران کنڀي گم ڪيل پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *