Wednesday , April 24 2024

پرڏيهه ۾ ملڪيت: عليمه خان خلاف ڪارروائي بدران رڳو ٽئڪس جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستانين جي پرڏيهه ۾ اڪائونٽس ۽ اثاثن بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي وزير اعظم جي ڀيڻ علميه خان کي ايف بي آر پاران تعين ڪيل رقم جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ 13 ڊسمبر جي ٻڌڻي جو عبوري حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته عليمه خان 2ڪروڙ 94 لک رپيا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اپيل جو حق استعمال ڪري سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ پنهجي حڪم ۾ پرڏيهه ۾ ملڪيت رکندڙ 21 ماڻهن خلاف فاسٽ ٽريڪ ڪارروائي جو طريقڪار به واضح ڪيو آهي. ايف بي آر جي چيئرمين چيو آهي ته ان ماڊل تي 2154 ملڪيتن خلاف ڪارروائي ڪنداسين. شهدادپور ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز وڌايل پگهار جي ڊفرنس ۾ اي ڊي سي تي رشوت وٺڻ جو الزام هڻي احتجاج ڪندي چيو آهي ته وڌيل پگهار 5 ھزار روپيا چئن سالن کان نه ملي آهي، نيشنل پروگرام جي اي ڊي سي ۽ عملدار رشوت وٺي ڊفرنس ڏئي رهيا آهن. شھدادپور تعلقي جي ليڊي ھيلٿ ورڪرز ياسمين، گل بانو، بينظير ۽ ٻين پگهار جي ڊفرنس ۾ رشوت وٺڻ خلاف احتجاج ڪيو.  احتجاج ڪندڙ جو چوڻ آهي ته چئن سالن کان وڌايل پگهار 5 ھزار روپيا نه ملي آهي، ڊفرنس جي 2 لک روپين کان وڌيڪ رقم ٺهي ٿي. هنن چيو ته نيشنل پروگرام جي اي ڊي سي ۽ عملدار 20 کان 30 ھزار رشوت وٺي وڌي آيل پگهار جو ڊفرنس ڏئي رهيا آهن.  اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر ليڊي هيلٿ ورڪرز شمع گلاڻي موجب لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڪا به رشوت نه ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *