Friday , April 26 2024

پرويز مشرف عدالت جو وڏو ڏوهي آهي،ان خلاف ڪارروائي ٿي ته مڃينداسين:احسن اقبال

ملتان (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته توهين عدالت جو سڀ کان وڏو ڏوهي پرويز مشرف آهي، هن آئين ٽوڙيو ۽ ججز کي قيد ڪيو، ان جي خلاف آئين مطابق ڪارروائي ٿيندي ته پوءِ عداليه کي مڃينداسين ته بنا فرق جي ڪارروائي ٿئي پئي، پرويز مشرف کي نهال هاشمي وانگر جيل ۾ وجهڻ گهرجي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نواز شريف مسلم ليگ ن جو صدر آهي سندس فيصلا هر ڪو قبول ڪندو آهي. هن چيو ته نواز شريف جيڪي نامزدگي ڪئي تنهن تي سڀني جو اتفاق آهي.

سندس چوڻ هو ته انصاف جي ادار جو احترام ماڻهن ۾ قائم رهڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو ته ماڻهو سمجهندا اها پري پول ڌانڌلي آهي. احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن خدشن جو اظهار توهين عدالت آهي ته جي ٽي روڊ تي ايندڙ سموري سموري قوم توهين عدالت ڪئي آهي.هن چيو ته نواز شريف جي نااهلي جي فيصلي تي ن ليگ ئي نه پر سموري دنيا خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ رٿائون پنهنجي هدف کان وڌيڪ ترقي ڪري رهيا آهن، پاڪستان هڪ اڀرندڙ معيشت بڻجي چڪو آهي. احسن اقبال چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ 1600 ڪلوميٽر موٽرويز تعمير ڪيا پيا وڃن، ملتان سکر رٿا 400 ڪلوميٽر ۽ لاڳت 300 ارب رپيه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *